سنڌ ڪابينا جي فنانس بابت ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ منعقد

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي)سنڌ ڪابينا جي فنانس بابت ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، لاڳاپيل سيڪريٽريز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع هڪ هيريٽيج عمارت خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان …

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي)سنڌ ڪابينا جي فنانس بابت ذيلي ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل خبر موجب اجلاس ۾ صوبائي وزير سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، لاڳاپيل سيڪريٽريز ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران آءِ آءِ چندريگر روڊ تي واقع هڪ هيريٽيج عمارت خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان سان گڏ صوبائي حڪومت طرفان ٽن اهم يونيورسٽين، آءِ بي اي، اين اي ڊي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي مجموعي طور 35 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام تحت سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي مقصد لاءِ 900 ملين روپين جي رقم جي منظوري پڻ ڏني وئي. ذيلي ڪميٽي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ اينڊ رورل ڊپارٽمينٽ جي تحت ضلعي عمرڪوٽ ۾ 100 سولر پمپس لڳائڻ لاءِ بلاڪ الاڪيشن جي 25 سيڪڙو رقم طور 100 ملين روپين جي فراهمي جي منظوري ڏني. ان کان علاوه ضلعي ٽنڊو الهيار ۾ واٽر سپلاءِ اسڪيم، الٽرا فلٽريشن پلانٽ ۽ ڊرينج سسٽم جي به منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي آف سنڌ جي 6 بوائز، 5 گرلز ۽ 1 استادن جي هاسٽل ۾ سيوريج، اليڪٽريڪل ۽ ٻين ضروري ڪمن جي شروعات لاءِ نان اي ڊي پي اسڪيم تحت فوري طور 100 ملين روپين جا فنڊ جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. ساڳي طرح سکر واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن لاءِ ٽن سالن تائين گرانٽ مان مالي سال 2025-26ع لاءِ 339 ملين روپين جي منظوري ڏني وئي. پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ طرفان پيش ڪيل 52 ترقياتي اسڪيمون، جن جا فنڊ اڳ ۾ ئي جاري ڪيا ويا هئا، انهن جي به ذيلي ڪميٽي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي سفارش تي سگنلن جي درستگي، روڊ مارڪنگ ۽ ٻين انتظامن لاءِ فوري طور 100 ملين روپين جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري سروسز کي هدايت ڪئي وئي ته ان حوالي سان ڪمشنر ڪراچي طرفان موڪليل سمري کي نئين ۽ جامع طريقي سان ٻيهر پيش ڪيو وڃي.