صاف ۽ سستي توانائي کي زور وٺائڻ وقت جي اھم ترين ضرورت آھي: گورنر سنڌ

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صاف توانائي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي چيو ته صاف ۽ سستي توانائي کي زور وٺائڻ وقت جي اھم ترين ضرورت آھي ۽ اھا ئي ھڪ ماحول دوست ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت آھي. ھن چيو ته ڪلين انرجي نه فقط بجلي جي مسئلن جي حل ۾ مددگار ثابت ٿيندي پر موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي گھٽائڻ …

ڪراچي-26 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري صاف توانائي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي چيو ته صاف ۽ سستي توانائي کي زور وٺائڻ وقت جي اھم ترين ضرورت آھي ۽ اھا ئي ھڪ ماحول دوست ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت آھي. ھن چيو ته ڪلين انرجي نه فقط بجلي جي مسئلن جي حل ۾ مددگار ثابت ٿيندي پر موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کي گھٽائڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪري ٿي. اڄوڪي ڏينھن اسان سڀني کي ماحول دوست توانائي کي ھٿي وٺائڻ جي عزم کي ورجائڻ گھرجي. گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سنڌ ۾ ونڊ ڪوريڊور ۽ شمسي توانائي جا وڏا موقعا موجود آھن، جن کي ڪتب آڻيندي توانائي جي بحران تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو. ھن وڌيڪ چيو ته سولر ۽ متبادل توانائي جي رٿائن سان عوام کي مھانگي بجلي جي بلن کان ڇوٽڪارو ملندو. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته گورنر ھائوس ۾ سولر انرجي کي ھٿي وٺائڻ جي ڏس ۾ عملي قدم کنيا پيا وڃن. سندس چوڻ ھو ته اسان جو ھدف ھر گھر تائين سستي ،پائيدار ۽ ماحول دوست بجلي جي فراھمي کي يقيني بنائڻ آھي.