جوا ايپ جي پروموشن ۾ مشهور ٽڪ ٽاڪرز رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ جي عارضي ضمانتن ۾ واڌ

لاهور -26 جنوري (اي پي پي)سيشن عدالت جوا ايپ جي پروموشن جي داخل ڪيس ۾ نامزد يوٽيوبر ۽ ٽڪ ٽاڪر رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ جي عارضي ضمانتن م 16 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايڊيشنل سيشن جج منصور احمد قريشي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران يوٽيوبر رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ …

لاهور -26 جنوري (اي پي پي)سيشن عدالت جوا ايپ جي پروموشن جي داخل ڪيس ۾ نامزد يوٽيوبر ۽ ٽڪ ٽاڪر رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ جي عارضي ضمانتن م 16 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايڊيشنل سيشن جج منصور احمد قريشي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، گذريل ڏينهن ٻڌڻي دوران يوٽيوبر رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ پنهنجين عارضي ضمانتن جو مدو ختم ٿيڻ تي پيش ٿيا ۽ عدالت آڏو حاضري لڳرائي. ٻڌڻي دوران اين سي سي آءِ اي جي جاچ آفيسر ڪيس جو رڪارڊ عدالت ۾ جمع ڪرايو ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته جاچ مڪمل ناهي ٿي سگهي، وڌيڪ وقت گهربل آهي. عدالت جاچ آفيسر کي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ جوابدارن جي عارضي ضمانتن ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 16 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.