حيدرآباد-24 جنوري (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو 29هون ڪانووڪيشن مهراڻ يونيورسٽي جي مک آڊيٽوريم ۾ ڇنڇر 24 جنوري تي چئن نشستن ۾ ٿي گذريو. ڪانووڪيشن ۾ ڪل 1007 شاگردن پنهنجون ڊگريون حاصل ڪيون، جن ۾ 34 پي ايڇ ڊي، 75 ماسٽرس ۽ 898 بيچلرس شامل آهن. مهراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ نياڻين ميڊل حاصل ڪرڻ ۾ ڇوڪرن کي مات ڏئي ڇڏي، رياضي شعبي جي …
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو 29هون ڪانووڪيشن، هڪ هزار کان وڌيڪ شاگردن کي ڊگيون ڏنيون ويون
حيدرآباد-24 جنوري (اي پي پي) مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو 29هون ڪانووڪيشن مهراڻ يونيورسٽي جي مک آڊيٽوريم ۾ ڇنڇر 24 جنوري تي چئن نشستن ۾ ٿي گذريو. ڪانووڪيشن ۾ ڪل 1007 شاگردن پنهنجون ڊگريون حاصل ڪيون، جن ۾ 34 پي ايڇ ڊي، 75 ماسٽرس ۽ 898 بيچلرس شامل آهن. مهراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ نياڻين ميڊل حاصل ڪرڻ ۾ ڇوڪرن کي مات ڏئي ڇڏي، رياضي شعبي جي شاگردياڻي نوال ولد رياض حسين شيخ فئڪلٽي ٽاپ، بيسٽ گريجوئيٽ ۽ پهرين پوزينشن سان 2 گولڊ ميڊل ۽ هڪ سلور ميڊل جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو. انسٽيٽوٽ آف انوائرنمينٽل انجنيئرنگ ۽ مئنيجمينٽ جي سونم ديوي ولد مڪيش ڪمار لوهاڻو فئڪلٽي ٽاپ ۽ پنهنجي شعبي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري هڪ گولڊ ميڊل ۽ هڪ سلور ميڊل حاصل ڪيو، اليڪٽرانڪس شعبي جي طيبه ولد عمران شيخ هڪ گولڊ ميڊل ۽ هڪ سلور ميڊل حاصل ڪيو، گارمينٽس ۽ مينيوفيڪچرنگ شعبي جي عقبا عشا ولد خالد ميمڻ، هڪ گولڊ ميڊل ۽ هڪ سلور ميڊل پنهنجي نالي ڪيو. ساڳي ريت ڪيمڪمل انجنيئرنگ شعبي جي سلطان صلاح الدين خان ولد عاصم الدين خان يوسفزئي هڪ گولڊ ميڊل ۽ هڪ سلور ميڊل کڻي تاريخ رقم ڪئي. اهڙي ريت مختلف شعبن جي ٻين 18 شاگرد ۽ شاگردياڻين پهنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پهرين پوزيشن سان سلور ميڊل ماڻي اعزاز حاصل ڪيو. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته اڄوڪو ڏينھن سنڌ ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ خاندانن جو تاريخي ڏينھن آھي، ڊگري وٺندڙ ھر گريجوئيٽ ۽ اسڪالر پنھنجي گھر، پاڙي ۽ اسان جي ملڪ لاءِ ترقي جو سبب بڻبو. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ۽ ملڪ جا سفير ھي نوجوان آھن، جيڪي اقبال جا شاهين آھن. ھن چيو ته ويجھي ماضي ۾ مھراڻ يونيورسٽي وڌ ۾ وڌ 34 پي ايڇ ڊي پيدا ڪيا آھن، جن اڄ ڊگريون ورتيون آھن. ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي يونيورسٽيز ۽ بورڊس کاتي جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو چيو ته سنڌ ۽ ملڪ جي تاريخ جو اڄ تاريخي ۽ ڀاڳن وارو ڏينھن آھي جو ھڪ ھزار کان وڌيڪ نوجوان اعلي تعليمي ڊگري وصول ڪري پيشور زندگي جو آغاز ڪرڻ وڃي رھيا آھن. ھن چيو ته سنڌ صوبو ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اعليٰ تعليم تي خرچ ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول صاحب جو ويزن آھي ته سنڌ جي ھر ضلعي ۾ ھڪ يونيورسٽي يا ڪنھن يونيورسٽي جو ڪئمپس ھجي. محمد اسماعيل راھو چيو ته تحريڪ انصاف جي دور ۾ ھائير ايجوڪيشن جي بجيٽ ۾ وڏي ڪٽوتي ڪئي وئي، ان دور ۾ يونيورسٽيون بحران ۾ ھليون ويون. ھاڻي سنڌ جون سرڪاري يونيورسٽيون بجيٽ جي کوٽ جو شڪار نه ٿينديون. ھن چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ۾ اڄ روزگار ميلو ڏسي خوشي ٿي آھي، شاگردن کي يونيورسٽي ۾ ڪانووڪيشن واري ڏينھن روزگار ملڻ وڏي ڳالهه آھي. ھن چيو ته سرڪاري يونيورسٽين ۾ عدالتي حڪمن تي قانون موجب عمل ڪيو پيو وڃي، جن يونيورسٽين ۾ قانونسازي جي ضرورت آھي اتي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن، جلد قانونسازي ڪئي وڃي. محمد اسماعيل راھو چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ملڪ جو ناليوارو ادارو آھي، مھراڻ يونيوريسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ شاگردن ۽ انھن جي والدين سان ملي خوشي ٿئي آھي، ھي ڏينھن شاگردن ۽ والدين جو آھي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته مھراڻ يونيورسٽي ملڪ جو ناليوارو اعلي تعليمي ادارو آھي، جتان جي ڊگري اعزاز جي ڳالھه آھي. ھن چيو ته اسان شاگردن جي رڳو روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ تربيت ناھيون ڪندا پر اسان معاشري جو ذميوار فرد بنائڻ لاءِ شاگردن کي سکيا ڏيندا آھيون، پڙھائيندا آھيون، جيڪي مستقبل جا اڳواڻ آھن. ھن چيو ته ھي ڏينھن شاگردن، سندن والدين ۽ استادن لاءِ جشن جو ڏينھن آھي. ھن چيو ته منھنجي ڪوشش آھي ته يونيورسٽي کي 2030ع جي ويزن مطابق ھلائجي، جنھن ۾ پائيدار ترقي، يونيورسٽي جي 100 سيڪڙو ڊجيٽلائيزيشن، سڄي دنيا جي المنائي سان يونيورسٽي کي جوڙڻ شامل آھي. ان موقعي تي خطاب ڪندي يونيورسٽيز اينڊ بورڊس کاتي جي سيڪريٽري محمد عباس بلوچ چيو ته ھي ڏينھن استادن جي محنت ۽ والدين جي ڪيل سيڙپ جو نتيجو آھي، جو ھڪ ھزار کان وڌيڪ انجنيئر ڊگريون وٺي رھيا آھن. ھن چيو ته مان ڪانووڪيشن ۾ ڊگري وٺندڙ سمورن شاگردن ۽ اسڪالرن کي مبارڪون ڏيان ٿو. ھن چيو ته ھي انجنيئر ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا. ھن چيو ته ملڪ ۽ معاشري جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ ئي پڙھيل لکيل فرد جي ذميواري آھي. سنڌ صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين تي سنڌ حڪومت ملڪ جي ٻين صوبن کان وڌيڪ بجيٽ خرچ ڪري رھي آھي. ھن چيو ته سنڌ صوبو پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سربراهي وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. محمد عباس بلوچ چيو ته آئون ڊگري وٺندڙ شاگردن کي چوان ٿو پنھنجو ملڪ نه ڇڏيو ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪريو. ھن چيو ته ڄامشورو ۾ ايس او ايس وليج ۾ موجود ٻارڙا توھان جھڙن پڙھيل لکيل ماڻھن جي مدد چاھين ٿا، ھمٿ افزائي چاھين ٿا. ڊگري رڳو پنھنجي ذاتي خوشحالي لاءِ ڪم نه اچڻ گھرجي پنھنجي ڀرپاسي جي ترقي لاءِ به ڪم اچي. مهراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن جي پهرين نشست جو خاص مهمان يونيورسٽيز ۽ بورڊز کاتي جو سيڪريٽري محمد عباس بلوچ ھو، جڏھن ته صدارت مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي ڪئي. ٻي نشست جو خاص مهمان سنڌ جي يونيورسٽيز بورڊس کاتي جو صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو، ٽئين نشست جو خاص مهمان جنرل ايڊمنسٽريشن ۽ ڪوآرڊينشن کاتي جي ٽريننگ، مئنيجمينٽ ۽ ريسرچ ونگ جو سيڪريٽري نور احمد سمون ۽ چوٿين نشست جو خاص مھمان سنڌ مدرسة السلام يونيورسٽي ڪراچي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ھو. ڪانووڪيشن جي تقريبن جي شروعات جو اعلان مھراڻ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادي ڪيو. ڪانووڪيشن دوران مھراڻ يونيورسٽي طرفان روزگار ميلو پڻ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ 40 کان وڌيڪ ڪمپنين پنھنجا اسٽاپ لڳايا ۽ سي وي ۽ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميداروان کان نوڪري لاءِ انٽرويوز ورتا. ڪانووڪيشن دوران ڪمپيوٽر سسسٽم انجنيئرنگ شعبي جي شاگردياڻي مبرا ناز ڊگري حاصل ڪئي، جنھن جي تعليم جو سمورو خرچ مھراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن ادا ڪيو آھي. ڪانووڪيشن ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي امتحانن واري شعبي جي ڪنٽرولر سيد رضا شاهه، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر الطاف سيال، مھراڻ يونيورسٽي جي ڊينز، سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.











