پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ 26 ۽ 27 جنوري تي برسات جو امڪان، الرٽ جاري

لاهور-24 جنوري (اي پي پي) پي ڊي ايم اي  وڌيڪ برساتن ۽ برفباري بابت الرٽ جاري ڪندي چيو آهي، ته پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ 26 کان 27 جنوري تائين برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب 26 ۽ 27 جنوري دوران مري، گليات ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ برفباري ۽ شديد برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته لاهور، سرگوڌا، گجرانوالا، ساهيوال،  ملتان، فيصل آباد ۽ …

لاهور-24 جنوري (اي پي پي) پي ڊي ايم اي  وڌيڪ برساتن ۽ برفباري بابت الرٽ جاري ڪندي چيو آهي، ته پنجاب جي اڪثر ضلعن ۾ 26 کان 27 جنوري تائين برسات جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي جي ترجمان موجب 26 ۽ 27 جنوري دوران مري، گليات ۽ ٻين جابلو علائقن ۾ برفباري ۽ شديد برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته لاهور، سرگوڌا، گجرانوالا، ساهيوال،  ملتان، فيصل آباد ۽ ٻين علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. وزيراعليٰ پنجاب جي حڪمن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.