لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر  پاران کلي ڪچھري منعقد

لاڙڪاڻو-23 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ ڪالهه زراعت، اسپورٽس ۽ اينٽي ڪرپشن واري ۾ صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر کلي ڪچھري منعقد ڪئي ، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.کلي ڪچھري ۾ ايم پي اي جميل احمد سومرو، چيئرمين ضلع ڪائونسل اعجاز احمد لغاري، ترجمان حڪومت سنڌ خير محمد شيخ، ڪمشنر لاڙڪاڻو طاهر حسين سانگي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايم …

لاڙڪاڻو-23 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي جي جناح باغ ۾ ڪالهه زراعت، اسپورٽس ۽ اينٽي ڪرپشن واري ۾ صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر کلي ڪچھري منعقد ڪئي ، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.کلي ڪچھري ۾ ايم پي اي جميل احمد سومرو، چيئرمين ضلع ڪائونسل اعجاز احمد لغاري، ترجمان حڪومت سنڌ خير محمد شيخ، ڪمشنر لاڙڪاڻو طاهر حسين سانگي سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايم پي اي جميل احمد سومرو چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي صوبي جي ھر ضلعي ۾ کلي ڪچھريون منعقد ڪيون پيون وڃن، جتي عوام کي اسپورٽس، زراعت، ڪرپشن ۽ ٻين مسئلن بابت کلي شڪايتون پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي.صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر چيو ته هي کلي ڪچھري بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي منعقد ڪئي وئي آهي ۽ حڪومت عوام جا مسئلا ٻڌڻ ۽ حل ڪرڻ لاءِ سندن در تي پهتي آهي. هن چيو ته هتي صرف ٽن کاتن تائين محدود نه پر هر مسئلي تي ڳالهايو وڃي ٿو ۽ جيڪي مسئلا فوري حل ٿيڻ جا آهن، اهي موقعي تي ئي حل ڪيا ويندا.کلي ڪچھري دوران شھري عابد جتوئي نقلي زرعي دوائن جي واپار ۽ ڪڻڪ جي اٽي جي مهانگائي بابت شڪايت ڪئي، جنهن تي صوبائي وزير چيو ته اينٽي ڪرپشن ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن کي حقيقي شڪايتن تي سخت ڪاروائي جون ھدايتون ڏنيون ويون آهن.هارين پاران هاري ڪارڊ جا پئسا نه ملڻ ۽ ايپليڪيشن بند هجڻ جون شڪايتون پڻ ڪيون ويون، جنهن تي صوبائي وزير چيو ته سنڌ بينڪ کي وڌيڪ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ويون آهن.راندين جي حوالي سان صوبائي وزير چيو ته پراڻن راندين جي ميدانن جي مرمت ڪئي ويندي ۽ نوان گرائونڊ به تعمير ڪرايا ويندا، جڏهن ته يونين ڪائونسل سطح تي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽس لاءِ به سهڪار ڪيو ويندو.کلي ڪچھري ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، گندي پاڻي جي نيڪال، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، منشيات جي وڌندڙ آزار، کليل گٽرن ۽ مين هولن بابت به شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي صوبائي وزير لاڳاپيل کاتن کي فوري ڪارروائي جون ھدايتون ڏنيون. ميئر لاڙڪاڻو ٻڌايو ته مين هولن تي ڍڪڻ لڳايا پيا وڃن ۽ جيلس بازار ۾ نالن جي نئين اسڪيم تيار ڪئي پئي وڃي.