سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران تعليمي سندون (ڊگريون) سنڌي ٻوليءَ ۾ جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي خط

حيدرآباد-23 جنوري (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري تعليمي سندون (ڊگريون) سنڌي ٻوليءَ ۾ جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي خط لکيا آهن. اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مھراڻي پاران سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته " سنڌ جون اڪثر يونيورسٽيون مختلف پروگرامن ۾ جاري ڪيل ڊگريون/ سندون صرف انگريزي ٻوليءَ ۾ جاري ڪري …

حيدرآباد-23 جنوري (اي پي پي) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري تعليمي سندون (ڊگريون) سنڌي ٻوليءَ ۾ جاري ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي خط لکيا آهن. اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مھراڻي پاران سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ” سنڌ جون اڪثر يونيورسٽيون مختلف پروگرامن ۾ جاري ڪيل ڊگريون/ سندون صرف انگريزي ٻوليءَ ۾ جاري ڪري رهيون آهن. جڏهن ته انگريزي عالمي رابطي جي ٻولي ضرور آهي پر اها صوبائي يا سرڪاري ٻولي ناهي. جڏھن ته سنڌي ٻولي آئين ۽ قانون موجب صوبي جي سرڪاري ٻولي آهي ۽ هتي جي ماڻهن جي تاريخي، ثقافتي، تھذيبي ۽ فڪري سڃاڻپ جي نمائندگي پڻ ڪري ٿي. چيئرمين پاران جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽيون اعليٰ تعليم جا مرڪز ۽ قومي توڙي صوبائي ورثي جون امين پڻ آهن، انھن تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته جديد تعليم سان گڏ مقامي ٻولي ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ واڌاري ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972 جي  روح موجب، سنڌ جي سمورين يونيورسٽين کي گذارش ٿا ڪريون ته گهربل قانوني گهرجون پوريون ڪري مستقبل ۾ جاري ٿيندڙ سمورين ڊگرين تي انگريزي متن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو ترجمو پڻ شامل ڪيو وڃي، اهڙي قدم سان نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت جو عملي اظھار ٿيندو پر شاگردن، استادن ۽ عام ماڻهن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي وقار ۽ اعتماد ۾ اضافو ٿيندو.