اسان کي اوهان وانگر پرڏيهي مدد گُهرڻ جي ضرورت ناهي: ايراني پرڏيهي وزير جو يوڪريني صدر کي جواب

تهران-23 جنوري (اي پي پي) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان پرڏيهي مدد گُهرڻ بدران پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. اهڙوردِعمل يوڪريني صدر جي ان مطالبي کان پوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن آمريڪا کان ايران تي حملو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. ايراني پرڏيهي وزير ڪالهه سماجي رابطي واري ويب سائٽ ايڪس …

تهران-23 جنوري (اي پي پي) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي يوڪرين جي صدر ولادي مير زيلنسڪي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اسان پرڏيهي مدد گُهرڻ بدران پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. اهڙوردِعمل يوڪريني صدر جي ان مطالبي کان پوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن آمريڪا کان ايران تي حملو ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. ايراني پرڏيهي وزير ڪالهه سماجي رابطي واري ويب سائٽ ايڪس تي يوڪريني صدر کي مخاطب ڪندي چيو ته پنهنجي ڪرپٽ جرنلن جا کيسا ڀرڻ ۽ نام نهاد غير قانوني اڳرائيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ آمريڪي ۽ يورپي ٽيڪس ڏيندڙن جو پئسو استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي پر ٻئي طرف هو پاڻ ئي ان چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي ايران تي آمريڪي حملي جي دعوت ڏئي رهيو آهي. هن زور ڀريو ته ايران هڪ خودمختيار رياست آهي ۽ ان کي عوام جو دفاع ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن آڏو منٿون ڪرڻ جي ضرورت ناهي.

مزید خبریں