واشنگٽن _ 23 جنوري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني کان پنهنجي تازو قائم ڪيل ”بورڊ آف پيس “ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت واپس وٺي ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته مهرباني ڪري هن خط کي ان ڳالهه جي نمائندگي طور قبول ڪريو ته بورڊ آف پيس ڪينيڊا جي شموليت …
آمريڪي صدر ڪينيڊا جي وزيراعظم کي ” بورڊ آف پيس “ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت واپس وٺي ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن _ 23 جنوري (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني کان پنهنجي تازو قائم ڪيل ”بورڊ آف پيس “ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت واپس وٺي ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته مهرباني ڪري هن خط کي ان ڳالهه جي نمائندگي طور قبول ڪريو ته بورڊ آف پيس ڪينيڊا جي شموليت جي حوالي سان اوهان کي ڏنل دعوت واپس وٺي رهيو آهي . مارڪ ڪارني هن هفتي عالمي ڌيان ان وقت حاصل ڪيو جڏهن هن آمريڪي اڳوڻي ۾ قائم عالمي نظام ۾ هڪ ڏار جي ڳالهه ڪئي . سندس حڪومت جو اهو به چوڻ هو ته عالمي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ٽرمپ جي هٿ ٺوڪي اداري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪا رقم ادا نه ڪندي . ڪينيڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني گذريل ڏينهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان چڙڏياريندڙ دعوى جو سخت جواب ڏنو جيڪو هن ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ڪيو هو ته ڪينيڊا آمريڪا جي ڪري قائم آهي.











