اوٽاوا _ 23 جنوري (اي پي پي ) ڪينيڊا ۾ پائليٽ جو روپ اختيار ڪري ڪيترائي ڀيرا مفت سفر ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي . پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي عملدارن هڪ اهڙي حيرت انگيز واقعي جو انڪشاف ڪيو آهي جنهن ۾ ڪينيڊا جي هڪ ايئر لائن جي اڳوڻي فلائٽ اٽينڊٽ پاڻ کي ڪمرشل پائليٽ ۽ موجوده عملي جو ڪارڪن ظاهر ڪري مختلف آمريڪي ايئر لائنز کان سوين مفت …
ڪينيڊا ۾ پائليٽ جو روپ اختيار ڪيترائي ڀيرا مفت سفر ڪندڙ شخص گرفتار

مزید خبریں
اوٽاوا _ 23 جنوري (اي پي پي ) ڪينيڊا ۾ پائليٽ جو روپ اختيار ڪري ڪيترائي ڀيرا مفت سفر ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي . پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي عملدارن هڪ اهڙي حيرت انگيز واقعي جو انڪشاف ڪيو آهي جنهن ۾ ڪينيڊا جي هڪ ايئر لائن جي اڳوڻي فلائٽ اٽينڊٽ پاڻ کي ڪمرشل پائليٽ ۽ موجوده عملي جو ڪارڪن ظاهر ڪري مختلف آمريڪي ايئر لائنز کان سوين مفت اڏامون حاصل ڪيون . ٽورنٽو سان تعلق رکندڙ 33 سالن جي ڊلاس پوڪورنڪ کي گذريل سال آڪٽوبر ۾ هوائي جي وفاقي عدالت ۾ ” وائر فراڊ ، ( آن لائن دوکو ڏيڻ ) جي الزامن تحت فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ پاناما مان گرفتار ڪيو ويو هو . جوابدار کي تازو ئي آمريڪا جي حوالي ڪيو ويو، جتي گذريل ڏينهن عدالت ۾ ٻڌڻي دوران هن الزامن جي اعتراف کان انڪار ڪيو آهي . عدالتي دستاويزن موجب ڊلاس پوڪورنڪ 2017ع کان 2019ع تائين ٽورنٽو جي هڪ ايئر لائن ۾ فلائٽ اٽينڊنٽ طور تي ڪم ڪري چڪو آهي . نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ هن انهي ايئر لائن جا جعلي ايمپلائيز آئي ڊي ڪاردڊز استعمال ڪيا ته جيئن ٻين ٽن ايئر لائنز ۾ پائيلٽن ۽ فضائي عملي لاءِ مقرر مفت ٽڪيٽ حاصل ڪري سگهي.











