لاڙڪاڻو-23 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ٻن پوليس مقابلن ۾ ٻن ڦورئن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا. پهريون مقابلو علي گوهر آباد جي حد بهار پور روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڦورن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو …
لاڙڪاڻي ۾ ٻن پوليس مقابلن ۾ 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ
لاڙڪاڻو-23 جنوري (اي پي پي) لاڙڪاڻي ۾ ٻن پوليس مقابلن ۾ ٻن ڦورئن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا. پهريون مقابلو علي گوهر آباد جي حد بهار پور روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس واردات جي نيت سان بيٺل ڦورن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ جاني ولد عبد الرسول کھڙو طور ٿي آهي، شروعاتي معلومات مطابق شهر اندر تازو ٿيل وارداتن ۽ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پڻ ملوث آهي،زخمي ڦورو جو ھن وقت تائين حاصل ڪيل ڪرمنل رڪارڊ ۾ کيس ڪيرن ئي ڪيسن ۾ گهربل ڏٺو ويو آهي. ان کان سواءِ وڌيڪ جاچ به جاري آهي، هوڏانهن هڪ ٻي پوليس مقابلي ۾ به هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ھٿ ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ رحمتپور ٿاڻي جي حدن ۾ قطب ميريج هال واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين کي سندن ناپاڪ مقصدن ۾ ناڪام بڻائي ڇڏيو، ان دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. زخمي ڦورو جي سڃاڻپ اعجاز ولد عبدالرزاق سولنگي جي نالي سان ٿي آهي، شروعاتي معلومات موجب ڄاڻايل ڦورو شهر جي ڪيترين ئي وارداتن ۽ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث آهي. زخمي ڦورو ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث آهي جڏهن ته وڌيڪ ڏوهي جو رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.ان کانسواءِ پوليس جو زخمي ڦورئن جي فرار ٿي ويل ساٿين جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.











