آمريڪا ۽ اسرائيل غلط اندازا نه لڳائين اسانجي فوج تيار آهي: ايران

تهران-23 جنوري (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب ڪور جي سربراهه جنرل محمد پاڪپور آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته تازن مظاهرن سبب غلط اندازا نه لڳايا وڃن، اسان جي فوج پنهنجون آڱريون ٽريگر تي رکيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان سامهون آيل انهن ڪيترن ئي بيانن کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ آمريڪي صدر چوندو رهيو آهي ته هن ايران خلاف …

تهران-23 جنوري (اي پي پي) ايران جي پاسداران انقلاب ڪور جي سربراهه جنرل محمد پاڪپور آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو آهي ته تازن مظاهرن سبب غلط اندازا نه لڳايا وڃن، اسان جي فوج پنهنجون آڱريون ٽريگر تي رکيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو بيان آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان سامهون آيل انهن ڪيترن ئي بيانن کانپوءِ سامهون آيو آهي جنهن ۾ آمريڪي صدر چوندو رهيو آهي ته هن ايران خلاف فوجي ڪارروائي جي آپشن کي اڃان به کليل رکيو آهي. سندس اهي بيان جون 2025ع ۾ 12 ڏينهن واري جنگ کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا ڏنا ويا آهن. هاڻي ڊيووس ۾ به اهي بيان سامهون آيا آهن. گذريل ڏينهن 28 ڊسمبر کان ايران ۾ شروع ٿيل مظاهرن دوران به صدر ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا ايران خلاف فوجي ڪارروائين جون ڌمڪيون ڏنيون. گذريل ڏينهن پاسداران انقلاب جي سربراهه جنرل محمد پاڪپور به تنبيهي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل ۽ آمريڪا غلط اندازا نه لڳائين کيس هاڻي 12 ڏينهن واري جنگ کانپوءِ وڌيڪ دردناڪ ۽ افسوسناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. ڪمانڊر چيو ته پاسداران ڪور پنهنجون آڱريون ٽريگرز تي رکيون آهن ۽ ايران اڳ کان وڌيڪ اثرائتو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. اسان سڀ پنهنجي سپريم ليڊر جي حڪم جا منتظر آهيون. پاسداران ڪمانڊر جو اهو بيان ايران جي سرڪاري ٽي وي تي ملڪ جي قومي ڏينهن جي سلسلي ۾ نشر ڪيو ويو.

مزید خبریں