ڊيووس-23 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي سرگرمين تي نظر رکي آهي ۽ ان مقصد لاءِ هڪ وڏي فوجي قوت ان ڏانهن روانو ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس مان وطن واپسي دوران آمريڪي صدر ٻڌايو ته آمريڪا احتياطي تدبيرن طور ڪيترائي سامونڊي جهاز روانو ڪيا آهن. هن چيو ته اسان ان …
آمريڪا پاران ايران ڏانهن وڏي آمريڪي فوج جي موجودگي جو اشارو

مزید خبریں
ڊيووس-23 جنوري(اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي سرگرمين تي نظر رکي آهي ۽ ان مقصد لاءِ هڪ وڏي فوجي قوت ان ڏانهن روانو ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر فورس ون ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس مان وطن واپسي دوران آمريڪي صدر ٻڌايو ته آمريڪا احتياطي تدبيرن طور ڪيترائي سامونڊي جهاز روانو ڪيا آهن. هن چيو ته اسان ان رخ ۾ ڪافي تعداد ۾ جهاز موڪليا آهن. رڳو احتياط طور. هڪ وڏو سامونڊي جهاز ان ڏانهن وڃي رهيو آهي، ۽ ڏسون ٿا اڳتي ڇا ٿئي ٿو. ايران ڏانهن هڪ وڏو فورس وڌي رهيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هو ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، پر صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته مان نه ٿو چاهيان ته ڪجهه به ٿئي، پر اسان انهن کي تمام ويجهو کان ڏسي رها آهيون.











