آمريڪي صدر طرفان وينزويلا ۾ فوجي اختيار محدود ڪرڻ جو ٺهراءُ ناڪام

واشنگٽن-23 جنوري (اي پي پي) آمريڪي نمائندن واري ايوان ۾ ري پبلڪن ميمبر ان ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪانگريس جي منظوري کانسواءِ وينزويلا ۾ وڌيڪ فوجي ڪارروائي کان روڪڻ هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن آمريڪي نمائندن واري ايوان ۾ ووٽنگ 215 جي ڀيٽ ۾ 215 تان برابر رهي جنهن سبب ٺهراءُ ناڪام ٿي ويو.ان ٺهراءُ ۾ صدر کي هدايت ڏني وئي …

واشنگٽن-23 جنوري (اي پي پي) آمريڪي نمائندن واري ايوان ۾ ري پبلڪن ميمبر ان ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪانگريس جي منظوري کانسواءِ وينزويلا ۾ وڌيڪ فوجي ڪارروائي کان روڪڻ هو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گذريل ڏينهن آمريڪي نمائندن واري ايوان ۾ ووٽنگ 215 جي ڀيٽ ۾ 215 تان برابر رهي جنهن سبب ٺهراءُ ناڪام ٿي ويو.ان ٺهراءُ ۾ صدر کي هدايت ڏني وئي هئي. ته جيستائين جنگ جي باضابطه اعلان يا فوجي طاقت جي استعمال جي ڪا واضح قانوني اجازت نه ڏني وڃي، وينزويلا مان آمريڪي فوج واپس گهرائي. صدر کي وينزويلا مان آمريڪي فوج واپس گهرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ اهڙي ئي هڪ تجويز سينيٽ ۾ به ناڪام ٿي چڪي هئي. ٺهراءُ جي مخالفن جو چوڻ آهي ته ان جي ضرورت ناهي ڇو جو هن وقت وينزويلا ۾ آمريڪي فوج موجود ئي ناهي.

مزید خبریں