لاڙڪاڻو-22 جنوري (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو آهي ته پاڪستان ۽ چائنا جي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ جي سلسلي ۾ سڀني سرڪاري کاتن کي سينگاريو وڃي ۽ هر ادارو پنهنجي آفيس ۾ روشني ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چائنا جو جهنڊو ڦڙڪائن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي دوستي مضبوط ۽ اجاگر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو …
پاڪستان ۽ چائنا جي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ جي سلسلي ۾ سڀني سرڪاري کاتن کي سينگاريو وڃي: شرجيل نور چنا
لاڙڪاڻو-22 جنوري (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنا چيو آهي ته پاڪستان ۽ چائنا جي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ جي سلسلي ۾ سڀني سرڪاري کاتن کي سينگاريو وڃي ۽ هر ادارو پنهنجي آفيس ۾ روشني ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چائنا جو جهنڊو ڦڙڪائن ته جيئن ٻنهي ملڪن جي دوستي مضبوط ۽ اجاگر ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي درٻار هال ۾ چائنا پاڪستان دوستي جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪرايا ويندا ۽ اسڪولن، ڪاليجز ۾ تقريري مقابلا ۽ پروگرام پڻ ڪرايا ويندا ۽ ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جا جهنڊا ۽ بينر پوري شهر ۾ لڳايا ويندا. هن ان موقعي تي تعليم، صحت ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو ته اوهان پنهنجن آفيسن ۾ پاڪستان ۽ چائنا جا جهنڊا، بينر پڻ لڳايو ۽ روشني پڻ ڪئي.گڏجاڻي ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي معاون خاص خير محمد شيخ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪرايا وڃن ۽ سڀني تعليمي ادارن خاص طور تي يونيورسٽين ۾ پڻ پروگرام ڪرايا وڃن.ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻو جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري ڳالهائيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ پاڪستان ۽ چائنا جا لاڳاپا مضبوط ٿيا ۽ اهي لاڳاپا هن وقت هڪ عظيم دوستي جو روپ اختيار ڪري رهيا آهن ۽ صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي دور ۾ اهي لاڳاپا اڃا به مضبوطي ڏانهن وڃي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايجوڪيشن، بلڊنگس ۽ ٻيا کاتا پروگرام منعقد ڪرائن ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي به پلان جوڙيا ويندا ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويندا ان متعلق ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ضلعي ڪائونسل چيئرمين لاڙڪاڻو گڏجي جائزو وٺندا.











