ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن لاءِ صرف هي واقعو ناهي، پر پوري سماج لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن سانحي جي متاثرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انشاءَالله هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيندڙ عثمان …
گل پلازه واقعو پوري سماج لاءِ وڏو سانحو آهي: سعيد غني
ڪراچي-22 جنوري (اي پي پي) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي وارثن لاءِ صرف هي واقعو ناهي، پر پوري سماج لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هن سانحي جي متاثرن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انشاءَالله هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن گل پلازا سانحي ۾ فوت ٿيندڙ عثمان جي جنازي نماز ۾ شرڪت دوران ڪيو ۽ ان کان پوءِ سانحي ۾ اڃا تائين گم ٿيل نعمت الله عبدالله ولد حاجي رئيس جي گهر وڃي سندس وارثن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر علي احمد جان، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مورڙو جو چيئرمين مير بحر علي اڪبر جان سميت پيپلز پارٽي جا عهديدار، ڪارڪن ۽ علائقي جا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هئا. صوبائي وزير سعيد غني فوت ٿيندڙ عثمان جي والد ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. سعيد غني گل پلازا سانحي ۾ گم ٿيل نعمت الله عبدالله ولد حاجي رئيس جي رهائشگاهه پهتو، جتي هن وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. سعيد غني چيو ته هي سانحو صرف هڪ خاندان جو نه، پر سڄي سماج جو ڏک آهي. هن وارثن کي يقين ڏياريو ته هن ڏکئي گهڙي ۾ سنڌ حڪومت انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۽ حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.











