حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ شاگرد ٽيچرز انگيجمينٽ پروگرام (اسٽيپ) جي تعاون سان شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڌار ڌار ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ مجموعي طور 220 شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. ميراٿن ريس جي شروعات يونيورسٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ٿي جيڪا فيڪلٽي آف اينيمل هسبينڊري اينڊ وٽرنري سائنسز تائين تقريبن هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مڪمل ڪئي وئي ۽ واپس …
سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام اسٽيپ جي سهڪار سان ميراٿن ريس منعقد
حيدرآباد-22 جنوري (اي پي پي) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ شاگرد ٽيچرز انگيجمينٽ پروگرام (اسٽيپ) جي تعاون سان شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ڌار ڌار ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ مجموعي طور 220 شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. ميراٿن ريس جي شروعات يونيورسٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي ٿي جيڪا فيڪلٽي آف اينيمل هسبينڊري اينڊ وٽرنري سائنسز تائين تقريبن هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مڪمل ڪئي وئي ۽ واپس انفارميشن ٽيڪنالاجي سينٽر تي پڄاڻيءَ تي پهتي. مقابلي جي پڄاڻيءَ تي پهرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا. بوائز ميراٿن ريس ۾ فرسٽ ايئر جي شاگرد علي ضامن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته گرلز ميراٿن ريس ۾ ٿرڊ ايئر جي شاگردياڻي جويريه پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ٻنهي مقابلن جي فاتح شاگرد توڙي شاگردياڻين ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ٽرافيون ورهايون.











