گڏيل قومون-22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته ڪيريبين ملڪ هيٽي جي مستقبل جو دارومدار سندس قيادت جي ”فيصلائتي چونڊ“ ۽ عالمي ۽ علائقائي يڪجهتي تي آهي ڇو جو ملڪ ۾ گينگ گروپن جو ڪنٽرول تيزي سان وڌي رهيو آهي. پاڪستان جي مستقل وقتي نمائندي عثمان جدون چيو ته هيٽي سياسي عدم استحڪام، سيڪيورٽي چئلينجز، انساني همدردي جي مسئلن، حڪمراني جي بحران …
پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ هيٽي جي بحران جي حل لاءِ قيادت ۽ عالمي حمايت تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون-22 جنوري (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته ڪيريبين ملڪ هيٽي جي مستقبل جو دارومدار سندس قيادت جي ”فيصلائتي چونڊ“ ۽ عالمي ۽ علائقائي يڪجهتي تي آهي ڇو جو ملڪ ۾ گينگ گروپن جو ڪنٽرول تيزي سان وڌي رهيو آهي. پاڪستان جي مستقل وقتي نمائندي عثمان جدون چيو ته هيٽي سياسي عدم استحڪام، سيڪيورٽي چئلينجز، انساني همدردي جي مسئلن، حڪمراني جي بحران ۽ سماجي ۽ اقتصادي زوال جي بحرانن جو شڪار آهي. هن تنبيهه ڪئي ته سياسي وقتي مدو 7 فيبروري تي ختم ٿيڻ وارو آهي، ان لاءِ سياسي لاڳاپين ڌرين کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته جيئن سياسي مفاد ملڪ جي استحڪام جي ڪوششن تي حاوي نه ٿين. پنهنجي خطاب ۾ عثمان جدون چيو ته ان موقعي تي ڪيل فيصلا انتهائي دانشمندي سان ڪيا وڃن ته جيئن ايندڙ نسلن کي عدم استحڪام ۽ محرومين کان بچائي سگهجي. پاڪستاني نمائندي گڏيل قومن ۽ عالمي حصيدارن جي مدد سان هيٽي ۾ چونڊون ڪرائڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي اقتدار منتقل ڪرڻ جي اميد ظاهر ڪئي. هن ملڪ ۾ جاري گينگ تشد ۽ ان جي ڊگهي مدي وارن سماجي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ٻارن جي ڀرتي ۽ استحصال جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته هيٽي ۾ پائيدار استحڪام لاءِ هڪ مڪمل، هيٽي قيادت ۾ هلندڙ ۽ ملڪ جي ملڪيت وارو عمل ضروري آهي، جڏهن ته عالمي مدد ان عمل جي مدد لاءِ هجڻ گهرجي.هن چيو ته پرڏيهي امداد کي هيٽي جي ضرورتن موجب رياستي صلاحيتن جي تعمير تي ڏيڻ ۽ مربوط هجڻ گهرجي.











