يورپي يونين جي اڳواڻن پاران گرين لينڊ بابت هنگامي اجلاس منعقد ڪيو ويندو

برسلز-22 جنوري (اي پي پي) يورپي يونين جا اڳواڻ گرين لينڊ ۽ آمريڪا سان لاڳاپن تي غور لاءِ برسلز ۾ هڪ هنگامي سربراهي اجلاس منعقد ڪندا، پر يورپي ڪائونسل طرفان اجلاس جي باقاعده ايجنڊا هن وقت تائين جاري ناهي ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان کان اڳ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس دوران ڳالهائيندي يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا اجلاس منعقد ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي ۽ ٻڌايو …

برسلز-22 جنوري (اي پي پي) يورپي يونين جا اڳواڻ گرين لينڊ ۽ آمريڪا سان لاڳاپن تي غور لاءِ برسلز ۾ هڪ هنگامي سربراهي اجلاس منعقد ڪندا، پر يورپي ڪائونسل طرفان اجلاس جي باقاعده ايجنڊا هن وقت تائين جاري ناهي ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان کان اڳ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي سالياني اجلاس دوران ڳالهائيندي يورپي ڪائونسل جي صدر انتونيو ڪوسٽا اجلاس منعقد ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي ۽ ٻڌايو هو ته اڳواڻ ڊينمارڪ ۽ گرين لينڊ جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي مڪمل ۽ غير مشروط حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. يورپي ڪائونسل مطابق اجلاس ورڪنگ ڊنر جي صورت ۾ منعقد ٿيندو، جيڪو مقامي وقت مطابق شام 6 وڳي شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. برسلز ۾ سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته صورتحال جي حوالي سان غير يقيني واري ڪيفيت سبب ڳالهيون رات دير تائين جاري رهي سگهن ٿيون.

مزید خبریں