آمريڪا پاران حماس ۽ ڳجهي فنڊنگ نيٽ ورڪس تي پابنديون لاڳو

واشنگٽن-22 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي ناڻي کاتي پرڏيهي اثاثا ڪنٽرول آفيس (او ايف اي سي) ذريعي نون قدمن جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ حماس جي غير منافعي بخش تنظيمن سان مبينا ڳجهن رابطن کي نشانو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي ناڻي کاتي چيو آهي ته حماس سويلين محاذن پٺيان ڪم ڪرڻ جي انداز کي اختيار ڪري ٿو. اهو انداز فلسطينين کي خطري ۾ وجهي ٿو …

واشنگٽن-22 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي ناڻي کاتي پرڏيهي اثاثا ڪنٽرول آفيس (او ايف اي سي) ذريعي نون قدمن جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ حماس جي غير منافعي بخش تنظيمن سان مبينا ڳجهن رابطن کي نشانو بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي ناڻي کاتي چيو آهي ته حماس سويلين محاذن پٺيان ڪم ڪرڻ جي انداز کي اختيار ڪري ٿو. اهو انداز فلسطينين کي خطري ۾ وجهي ٿو ۽ پائيدار ۽ خوشحال امن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي ڪمزور ڪري ٿو. آمريڪي ناڻي کاتي وڌيڪ چيو ته انهن تنظيمن جو انڪشاف عالمي برادري پاران فلسطينين جي جائز مفادن جي حمايت ڪرڻ ۽ عطين کي فوجي مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جي صلاحيت کي مضبوط ڪري ٿو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا حماس جي اڳواڻن ۽ سندن سهولتڪارن جي مالياتي نظام کي دهشتگرد ڪارروائين لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. بيان ۾ واضح ڪيو ويو ته اهي قدم غزه پٽي ۾ 6 تنظيمن کي نشانو بڻائين ٿا جيڪي فلسطيني شهرين کي طبي خدمتون فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪن ٿيون پر حقيقت ۾ حماس جي عسڪري ونگ عزالدين القسام برگيڊز کي مدد فراهم ڪن ٿيون. آمريڪي ناڻي کاتي وڌيڪ چيو ته حماس غزه پٽي ۾ تنظيمن جو هڪ ڳجهو نيٽ ورڪ هلائي ٿي جيڪا ظاهري طور آزاد نظر اچن ٿيون، جڏهن ته حقيقت ۾ اهي تحريڪ جي عسڪري ونگ جي انتظام هيٺ آهن. کاتي مطابق انهن درجا بندين جو مقصد فلاحي ڪمن جي شعبي ۾ دهشتگردي جي مالي سهڪار جي خطرن کي گهٽائڻ آهي.

مزید خبریں