جڪارتا-22 جنوري (اي پي پي)انڊونيشيا ۾ ريسڪيو ٽيمن مائونٽ بلو سارائونگ ۾ ڪريل ATR 42-500جهاز جي ملبي مان وڌيڪ 6 لاش هٿ ڪري ورتا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا جي آرمي جي آفيسر، جيڪو گڏيل ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ شامل هو، ٻڌايو ته اهي لاش مختلف هنڌن تان مليا آهن جيڪي شروعاتي طور تي هٿ آيل لاشن جي اٽڪل 50 ميٽرن جي دائري ۾ موجود هئا. ان کان اڳ ريسڪيو …
انڊونيشيا ۾ جبل تي ڪريل جهاز جي ملبي مان وڌيڪ 6 لاش هٿ

مزید خبریں
جڪارتا-22 جنوري (اي پي پي)انڊونيشيا ۾ ريسڪيو ٽيمن مائونٽ بلو سارائونگ ۾ ڪريل ATR 42-500جهاز جي ملبي مان وڌيڪ 6 لاش هٿ ڪري ورتا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا جي آرمي جي آفيسر، جيڪو گڏيل ڳولا ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ شامل هو، ٻڌايو ته اهي لاش مختلف هنڌن تان مليا آهن جيڪي شروعاتي طور تي هٿ آيل لاشن جي اٽڪل 50 ميٽرن جي دائري ۾ موجود هئا. ان کان اڳ ريسڪيو ٽيم ٻه لاش ڪڍيا هئا، جهاز جو بليڪ باڪس به ڳولي ورتو آهي، ATR 42-500 جهاز ۾ 10 مسافر سوار هئا جيڪي گذريل ڏينهن يوگيا ڪارٽا کان ماڪا سر وڃي رهيو هو ته اوچتو حادثي جو شڪار ٿي ويو.











