ڪشمور پوليس جي ڪاميابي ڌاڙيل ابراهيم عرف ابرو شر گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، لاڙڪاڻو ۾ ٻه ڦورو سوگها

لاڙڪاڻو - 22 جنوري (اي پي پي) ڪشمور پوليس، وفاقي حساس ادارن، سول انٽيليجنس ۽ سنڌ رينجرز جو گڏيل آپريشن  جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. ڪشمور ۽ گھوٽڪي جي ڪچي جي سرحدي علائقن ۾ جاري آپريشن دوران هڪ ٻي اهم اڳڀرائي ٿي آهي. جنهن ۾ خطرناڪ ڌاڙيل ابراهيم عرف ابرو شر گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي. لاڙڪاڻو رينج جي بهادر سپهه سالار ڊي آءِ جي پوليس ناصر آفتاب جي قيادت ۾ جاري آپريشن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل خطرناڪ ڌاڙيل پاڻ کي قانون …

لاڙڪاڻو – 22 جنوري (اي پي پي) ڪشمور پوليس، وفاقي حساس ادارن، سول انٽيليجنس ۽ سنڌ رينجرز جو گڏيل آپريشن  جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي. ڪشمور ۽ گھوٽڪي جي ڪچي جي سرحدي علائقن ۾ جاري آپريشن دوران هڪ ٻي اهم اڳڀرائي ٿي آهي. جنهن ۾ خطرناڪ ڌاڙيل ابراهيم عرف ابرو شر گرفتاري پيش ڪري ڇڏي آهي. لاڙڪاڻو رينج جي بهادر سپهه سالار ڊي آءِ جي پوليس ناصر آفتاب جي قيادت ۾ جاري آپريشن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل خطرناڪ ڌاڙيل پاڻ کي قانون جي حوالي ڪندي گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. گرفتاري ڏيندڙ ڌاڙيل ابراهيم عرف ابرو شر اغوا، ڀته خوري، پوليس مقابلن، قتل، قتل جي منصوبابندي سميت ڪيترن ئي سنگين ڏوھن ۾ گھربل هو ۽ وڏي عرصي کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گھربل هو. جڏهن ته لاڙڪاڻي جي آباد ٿاڻي جي حدن ايئر ويز واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڦورن وچ ۾ ٿيل پهرين پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي . ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ 30 بور جي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ علي عرف علي حيدر ولد گلزار رنگ ابڙو طور ٿي آهي. ڄاڻايل ڦورو مٿان ڪيترا ئي ڪيس داخل ٿيل آهن، ان کان علاوه وڌيڪ مجرماڻو رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي.زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڏوھارين ۽ انھن جي فرار ٿي ويل ساٿين جي خلاف پوليس مقابلي ۽ ناجائز هٿيار ھٿ اچڻ  جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن هڪ ٻئي پوليس مقابلي ۾ پوليس هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. وليد ٿاڻي جي حد آريجا ڦيڙهو روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ڏوھارين جي ناپاڪ مقصدن کي  ناڪام بڻائي ڇڏيو، ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڦورو جي سڃاڻپ طاهر سولنگي جي نالي سان ٿي آهي، شروعاتي معلومات موجب ڄاڻايل ڦورو تازو ٿيل وارداتن ۽ سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ ملوث آهي،.زخمي ڦورو جي فرار ٿيل ساٿين جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.