وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کي معاشي استحڪام ۽ سڌارن لاءِ حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو

ڊيووس- 22 جنوري (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي معاشي استحڪام ۽ سڌارن لاءِ حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو آهي. 'ايڪس' تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. هن پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي اشارن، معاشي استحڪام لاءِ …

ڊيووس- 22 جنوري (اي پي پي)  وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا کي معاشي استحڪام ۽ سڌارن لاءِ حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو آهي. ‘ايڪس’ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي موقعي تي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ڪري خوشي ٿي. هن پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي اشارن، معاشي استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ ڍانچي سڌارن ۾ ڪيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جن کي ڪرسٽالينا جارجيوا ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسان مالي نظم ۽ ضبط، ٽيڪسز ۾ اضافي ۽ پائيدار ترقي جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم کي ورجايو ۽ عالمي معاشي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ کانسواءِ معاشي استحڪام لاءِ گهڻ طرفي تعاون جي اهميت تي پُڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي.

مزید خبریں