ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي جي حوالي سان سموريون قانوني رنڊڪون ختم ڪيون وڃن ته جيئن هي عالمي معيار جو ادارو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي عوام جي خدمت جاري رکي سگهي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) جي 84هين گورننگ باڊي اجلاس جي …
اين آءِ سي وي ڊي جي حوالي سان سڀئي قانوني رنڊڪون ختم ڪيون وڃن: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي جي حوالي سان سموريون قانوني رنڊڪون ختم ڪيون وڃن ته جيئن هي عالمي معيار جو ادارو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي عوام جي خدمت جاري رکي سگهي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي) جي 84هين گورننگ باڊي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ اداري جي مستقبل جي تحفظ ۽ حياتي بچائيندڙ خدمتن جي دائري کي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي اهم ۽ تاريخي فيصلا ڪيا ويا. وڏي وزير جي ترجمان موجب سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ٿيا انهن فيصلن ۾ قانوني معاملن جي بحالي، بجيٽ ۾ واڌ ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو.اداري جي انتظامي معاملن کي وڌيڪ پيشيوراڻو بڻائڻ لاءِ گورننگ باڊي اصولي طور تي فل ٽائيم چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ چيف فنانشل آفيسر جي ڀرتي جي منظوري ڏني، جيڪا اوپن مارڪيٽ ۾ مقابلي واري عمل ذريعي ڪئي ويندي. وڏي وزير صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ڀرتي کان اڳ ضابطا ۽ قاعدا طئي ڪيا وڃن. گورننگ باڊي آگاهه ڪيو ته مالي سال 26-2025ع دوران آپريشنل خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور 3.5 ارب رپين جي اضافي گرانٽ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وڏي وزير اڳ ۾ ئي 10 ارب رپين جي منظوري ڏئي چڪو آهي، پر انتظامي ۽ سروس خرچن ۾ واڌ سبب اداري کي مجموعي طور لڳ ڀڳ 4.6 ارب رپين جي مالي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي، جيڪا اين آءِ سي وي ڊي جي بزنس ماڊل جو جائزو وٺي سڌارا تجويز ڪندي. وڏي وزير يقين ڏياريو ته ڪاميٽي جي رپورٽ اچڻ بعد گهربل فنڊن جي منظوري ڏئي جاري ڪيا ويندا. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر طاهر صغير 2025ع دوران اين آءِ سي وي ڊي جي شاندار ڪاميابين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي 2024ع ۾ 9,925 پرائمري اينجيو پلاسٽيز ڪيون، جنهن سان هي ادارو دنيا جو سڀ کان وڏو مرڪز بڻجي ويو. اداري 200 کان وڌيڪ ٽرانس ڪيٿيٽر ايورٽڪ والو امپلانٽيشن آپريشن مفت ڪيا، جيڪي خانگي اسپتالن ۾ اٽڪل 40 لک رپيا في آپريشن خرچ ٿين ٿا. اين آءِ سي وي ڊي پهريون ڀيرو بلوچستان ۾ ٻارن جي دل جي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون، جتي 100 کان وڌيڪ سرجريون ۽ 300 کان وڌيڪ انٽروينشنز ڪيون ويون. اسٽروڪ انٽروينشن پروگرام تحت 450 کان وڌيڪ طريقيڪار مڪمل ڪيا ويا، جنهن سان ڪيترائي مريض مستقل معذوري کان بچي ويا. وڏي وزير ڪيترن ئي اهم انفراسٽرڪچر رٿائن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو، جن ۾ 300 بسترن تي مشتمل نئون پيڊياٽرڪ يونٽ ۽ لانڍي ۾ تعمير ھيٺ ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز شامل آهن، جيڪو 1,200 بسترن تي مشتمل هوندو ۽ دنيا جو سڀ کان وڏي دل جي اسپتال هوندي.اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي جي ضم ٿيڻ ۽ انتظامي هم آهنگي لاءِ جامع بزنس پلان تيار ڪندڙ فرم جي مقرري کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايم پي ايز رخسانه پروين ۽ سعديه جاويد، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، صحت وارو سيڪريٽري ريحان بلوچ، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اين آءِ سي وي ڊي پروفيسر طاهر صغير، مشتاق ڇاپڙا سميت ٻين شرڪت ڪئي.











