ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) موسماتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سنڌ سيڪريٽريٽ اچڻ تي منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سندس آجيان ڪئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو جي گڏيل صدارت هيٺ ڪاربن جي نيڪال ۾ گهٽتائي، ٽرانسفارمنگ ڪاربن فنانس ۽ پاڪ فلو منصوبي بابت هڪ اهم …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سنڌ سيڪريٽريٽ اچڻ تي صوبائي وزيرِ ڄام خان شورو پاران آجيان
ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) موسماتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سنڌ سيڪريٽريٽ اچڻ تي منصوبابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو سندس آجيان ڪئي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ موجب وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو جي گڏيل صدارت هيٺ ڪاربن جي نيڪال ۾ گهٽتائي، ٽرانسفارمنگ ڪاربن فنانس ۽ پاڪ فلو منصوبي بابت هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري چيئرمين نجم احمد شاهه، ورلڊ بينڪ جي نمائندن، ماحوليات کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران سنڌ ۾ جاري مختلف ماحولياتي منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي منصوبن، خاص طور تي تمر جي وڻن جي واڌاري ۽ ڪاربان ڪريڊٽ جي شعبي ۾ اثرائتا ۽ ساراھ جوڳا قدم کڻي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهي منصوبا نه رڳو ماحول جي تحفظ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، پر ملڪي معيشت لاءِ پڻ فائديمند هوندا. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ ۽ ڪاربن جي نيڪال ۾ گهٽتائي لاءِ سنجيدگي ۽ مستقل مزاجي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن وفاقي حڪومت ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار تي صوبائي حڪومت طرفان ٿورا پڻ مڃيا.











