حيدرآباد -21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي زرعي توسيع کاتي حيدرآباد جي فوڪل پرسن پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين جي مالي سهائتا ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڪڻڪ جي مالي سهائتا پروگرام سال 2025ع ۾هڪ کان 25 ايڪڙ ايراضي رکندڙ آبادگارن کي پهرين مرحلي ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي مد ۾ في ايڪڙ جي حساب سنڌ بينڪ جي ذريعي …
سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين جي مالي سهائتا ڪري رهي آهي: سنڌ جي زرعي توسيع کاتي جو فوڪل پرسن
حيدرآباد -21 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي زرعي توسيع کاتي حيدرآباد جي فوڪل پرسن پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ ذريعي هارين جي مالي سهائتا ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ڪڻڪ جي مالي سهائتا پروگرام سال 2025ع ۾هڪ کان 25 ايڪڙ ايراضي رکندڙ آبادگارن کي پهرين مرحلي ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي مد ۾ في ايڪڙ جي حساب سنڌ بينڪ جي ذريعي رقم فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي ويريفڪيشن کانپوءِ 2 ٻوريون يوريا ڀاڻ 8000 رپين ۾ في ايڪڙ مهيا ڪيا پيا وڃن. واضح رهي ته سنڌ ۾ زرعي توسيع کاتي جي سمورن ايڊيشنل ڊائريڪٽرن کي ضلعي ۾ ڪڻڪ جي پوکي جو هدف ڏنو ويو هو جنهن تحت ڪڻڪ جي پوکي جي مالي سهائتا پروگرام جو آغاز ڪيو ويو.ايڊيشنل ڊائريڪٽر زرعي توسيع کاتي ٺٽي جي رپورٽ موجب تعلقي ميرپور بٺورو ۾ بينظير هاري ڪارڊ جي رجسٽريشن 2711 آبادگارن جي ٿي چڪي آهي جڏهن ته ڪڻڪ جي مالي سهائتا پروگرام ۾ 1373 آبادگاررجسٽرڊ ٿي چڪا آهن جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.هن ٻڌايو ته اهڙا آبادگار جن جي فارم 7 ۾ درستگي نه آهي، فنگر پرنٽس جوڪو مسئلو آهي يا وري سندن قومي شناختي ڪارڊ جي نمبر ۾ڪا غلطي آهي ته اهي فوري طور تي پنهنجي ضلعي جي ايڊِيشنل ڊائريڪٽر زرعي توسيع سان رابطو ڪن. ڪڻڪ جي مالي سهائتا پروگرا م جو تمام طريقيڪار زرعي توسيع، روينيو کاتي ۽ سنڌ بينڪ جي گڏيل سهڪار سان نهايت ئي شفاف طريقي سان جاري آهي.











