ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ حڪومت هن سال جنوري کان جون تائين 18 ميگا اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪندي. مارچ جي آخري هفتي ۾ ننگرپارڪر ۾ ٿر جيپ ريلي ڪرائي ويندي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهو فيصلو راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.ان موقعي تي ٿر جيپ ريلي جي ٽريڪ کي …
سنڌ حڪومت پاران هن سال جنوري کان جون تائين 18 ميگا اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪيا ويندا
ڪراچي-21 جنوري (اي پي پي) سنڌ حڪومت هن سال جنوري کان جون تائين 18 ميگا اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪندي. مارچ جي آخري هفتي ۾ ننگرپارڪر ۾ ٿر جيپ ريلي ڪرائي ويندي. سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اهو فيصلو راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو.ان موقعي تي ٿر جيپ ريلي جي ٽريڪ کي 92 ڪلوميٽرن بدران 150 ڪلوميٽرن تائين وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 19هين سنڌ گيمز منعقد ڪرڻ لاءِ تيارين جي شروعات ڪئي وئي آهي. راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو ته سنڌ گيمز جي بجيٽ جي منظوري وزيراعليٰ کان ورتي ويندي. سنڌ اسپيشل گيمز 13 کان 15 فيبروري تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندا. سردار غلام محمد خان مهر جي نالي سان سکر ۾ هن مهيني جنوري کان 15 فيبروري تائين ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٿيندو، جنهن ۾ پي سي بي بورڊ کان منظور ٿيل ڪلبن جون 40 ٽيمون حصو وٺنديون. هن چيو ته بيل گاڏي ريس 24 جنوري تي ٺٽي ۾، ٿر فيسٽيول 6 کان 7 فيبروري تائين مٺي ۾ منعقد ٿيندو، جڏهن ته ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميگا ملاکڙو هن مهيني جنوري جي آخري هفتي ۾ منعقد ڪيو ويندو. سردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته گھوٽڪي فيسٽيول اپريل ۾ ٿيندو، بيچ گيمز ڪراچي اپريل جي آخري هفتي ۾ ڪرائڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته سنڌ پنڪ فٽبال 3 کان 5 مئي تائين لياري ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.اجلاس ۾ صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه، مڪيش ڪمار چاولا، راندين واري کاتي جي سيڪريٽري منور مهيسر، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر قاسم سراج سومرو، راندين واري کاتي جي ڊائريڪٽر اسد اسحاق ۽ ٻين شرڪت ڪئي.











