حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾26 جنوري کان 10 فيبروري تائين فوج ۾ سپاهين جون ڀرتيون شروع ڪيون وينديون: پڌرائي

حيدرآباد-21 جنوري (اي پي پي) آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾26 جنوري کان 10 فيبروري تائين فوج ۾ سپاهين جون ڀرتيون شروع ڪيون وينديون .ترجمان جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جا اهي نوجوان جيڪي ساڍن سترنهن کان ساڍن ٻاويهن سالن جي عمر جا آهن اهي سپاهي جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ڏئي سگهن ٿا. اميدوارن …

حيدرآباد-21 جنوري (اي پي پي) آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾26 جنوري کان 10 فيبروري تائين فوج ۾ سپاهين جون ڀرتيون شروع ڪيون وينديون .ترجمان جو چوڻ آهي ته حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جا اهي نوجوان جيڪي ساڍن سترنهن کان ساڍن ٻاويهن سالن جي عمر جا آهن اهي سپاهي جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ڏئي سگهن ٿا. اميدوارن جي تعليم گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ يا ان جي برابر هجي. ترجمان موجب ڀرتيون ڪرڻ واري ٽيم 26 جنوري تي حيدرآباد سينٽر ۾ 27 جنوري تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين، 28 جنوري تي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ماتلي، 30 جنوري تي ڊي سي آفيس ٽنڊو محمد خان، 2 فيبروري تي ميونسپل ڪميٽي مٽياري ۽ ساڳي ڏينهن تي آءِ ٽي ڪاليج هالا اولڊ، 3 فيبروري  تي ميونسپل ڪميٽي شهيد بينظير آباد ، 4 فيبروري تي ٽائون ڪميٽي سڪرنڊ، 6 فيبروري تي ڊي سي آفيس ڄامشورو ، 7 فيبروري تي ٽائون ڪميٽي سيوهڻ شريف، 9 فيبروري تي ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ ۽ 10 فيبروري تي ميونسپل ڪميٽي ٽنڊو الهيار ۾ نوجوانن کان ٽيسٽ وٺي ڀرتيون ڪندي ۽ اٽڪل 1500 نوجوانن کي ڀرتي ڪيو ويندو ته جيئن اهي پاڪستان جي بري فوج ۾ شامل ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت جو مقدس فرض سرانجام ڏئي سگهن. ڀرتي سينٽر حيدرآباد جي ترجمان ڄاڻايو آهي ته فوج ۾ ڀرتي جا خواهشمند نوجوان ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ پنهنجا اوريجنل ڪاغذ انهن جون ٻه عدد تصديق ٿيل فوٽو ڪاپيون، ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ يا ب  فارم ، والد جي قومي شناختي ڪارڊ جي اٽيسٽيڊ ٿيل ڪاپي ۽ 4 عدد پاسپورٽ سائيز تصويرون پاڻ سان گڏ کڻي اچن.