صوبي جي عوام جي مفاد تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو: بلوچستان جو وڏو وزير

ڪوئيٽا -21 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي مفاد تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن، سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري پيغام ۾ چيو ته بلوچستان جي لڳ ڀڳ هڪ هزار ارب رپين جي سالياني بجيٽ هڪ تلخ حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو نان ڊولپمينٽ خرچ ٿي ويندا آهن يعني اڍائي لک …

ڪوئيٽا -21 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي مفاد تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن، سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس تي جاري پيغام ۾ چيو ته بلوچستان جي لڳ ڀڳ هڪ هزار ارب رپين جي سالياني بجيٽ هڪ تلخ حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو نان ڊولپمينٽ خرچ ٿي ويندا آهن يعني اڍائي لک جي لڳ ڀڳ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن، جڏهن ته رڳو 200 ارب رپيا صوبي جي 1.3 ڪروڙ عوام جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ دستياب هوندا آهن ان غير متوازن نظام کي درست ڪرڻ لاءِ گذريل 2 سال ۾ اسان متروڪ ۽ غير موثر سرڪاري آفيسن کي بند ڪيو، 8 هزار غير ضروري سرڪاري نوڪريون ختم ڪيون ۽ غير حاضر ملازمن خلاف بنا فرق جي ڪارروائيون ڪيون. هن چيو ته سڌارن جو سفر اڃان مڪمل ناهي ٿيو. آئون بلوچستان جي عوام جي مفاد تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندس ۽ سڌارن جو اهو عمل هر صورت ۾ اڳتي وڌندو رهندو.