دنيا پاڻي جي بحران کان اڳتي وڌي پاڻي جي عالمي ڏيوالپڻي جي حالت ۾ داخل ٿي چڪي آهي: گڏيل قومون

گڏيل قومون- 21 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته دنيا پاڻي جي بحران کان اڳتي وڌي پاڻي جي عالمي ڏيوالپڻي جي حالت ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن جي محققن طرفان جاري نئين فليگ شپ رپورٽ موجب سائنسدان، پاليسي ساز ۽ ميڊيا ڪيترن ڏهاڪن کان پاڻي جي عالمي بحران بابت خبردار ڪندا آيا آهن جنهن جو مطلب پاڻي جي کوٽ جي …

گڏيل قومون- 21 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته دنيا پاڻي جي بحران کان اڳتي وڌي پاڻي جي عالمي ڏيوالپڻي جي حالت ۾ داخل ٿي چڪي آهي. گڏيل قومن جي محققن طرفان جاري نئين فليگ شپ رپورٽ موجب سائنسدان، پاليسي ساز ۽ ميڊيا ڪيترن ڏهاڪن کان پاڻي جي عالمي بحران بابت خبردار ڪندا آيا آهن جنهن جو مطلب پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان عارضي جهٽڪو ورتو ويندو آهي جنهن کانپوءِ بحالي ٿيندي آهي. جڏهن ته هن وقت ڪيترن ئي خطن ۾ پاڻي جي مستقل کوٽ جي اهڙي صورتحال سامهون اچي رهي آهي جنهن تحت پاڻي جو نظام هاڻي حقيقت پسنداڻي طور تي پنهنجي تاريخي بنيادن تي واپس نٿو وڃي سگهي. يو اين يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ فار واٽر، انوائرنمينٽ اينڊ هليٿ جي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته دنيا جي اڪثر حصن ۾ پاڻي جي حوالي سان نارمل يعني معمول جي صورتحال ختم ٿي چڪي آهي. هڪ پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ان انڪشاف جو مقصد نااميدي ۽ مايوسي پکيڙڻ ناهي پر پاڻي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي قدمن جي حوصلا افزائي ۽ موجوده صورتحال ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪندي مستقبل جي تحفظ جا قدم کڻڻ آهي. هن چيو ته ان صورتحال جا اثر ننڍن هارين، مقامي ماڻهن، گهٽ آمدني وارن شهرين، عورتن ۽ نوجوانن تي پون ٿا، جڏهن ته وڌيڪ استعمال جا فائدا اڪثر وڌيڪ طاقتور عنصر کڻي وٺندا آهن.

مزید خبریں