گڏيل قومون -21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان عالمي سطح تي پاڻي جي کوٽ بابت گڏيل قومن جي اجلاس ۾ چيو آهي، ته ڀارت 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪري پاڪستان جي آبي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ غير معمولي بحران پيدا ڪيو. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي يونيورسٽي (يو اين يو) ۽ گڏيل …
ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي: گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو موقف

مزید خبریں
گڏيل قومون -21 جنوري (اي پي پي) پاڪستان عالمي سطح تي پاڻي جي کوٽ بابت گڏيل قومن جي اجلاس ۾ چيو آهي، ته ڀارت 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪري پاڪستان جي آبي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ غير معمولي بحران پيدا ڪيو. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي عثمان جدون گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي يونيورسٽي (يو اين يو) ۽ گڏيل قومن ۾ ڪينيڊا مشن جي شراڪت سان منعقد ٿيل گول ميز ڳالهين کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته اهو قدرتي عمل ناهي، پر هڪ رياست ڄاڻي واڻي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت جي انهن قدمن کان پوءِ سنڌ طاس معاهدي جون سنگين خلاف ورزيون سامهون آيون آهن، جن ۾ هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ بنا ڪنهن اطلاع جي رڪاوٽون ۽ آبي معلومات جي فراهمي روڪڻ شامل آهي. پاڪستاني نمائندي واضح ڪيو ته پاڪستان جو موقف بلڪل واضح آهي اهو معاهدو قانوني طور تي هن قوت به برقرار آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي هڪ طرفي معطلي يا ترميم جي اجازت نه ڏني وئي آهي. اجلاس گڏيل قومن جي تحقيق ڪندڙن پاران جاري ڪيل اهم رپورٽ گلوبل واٽر بينڪرپسي کان پوءِ منعقد ٿيو، جنهن ۾ عالمي آبي ايجنڊا کي نئين سر ترتيب ڏيڻ تي زور ڀريو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ناقابل تلافي نقصان سبب آبي ذخيرا شديد دٻاءُ جو شڪار ٿي چڪا آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته سنڌو درياهه مان سيرياب ٿيندڙ علائقائي انڊس رور بيسن پاڪستان جي زرعي ضرورتن لاءِ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي فراهم ڪري ٿو ۽ 240 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگي ۽ روزگار جو ذريعو آهي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تي مشتمل اهو معاهدو پاڻي جي منصفاڻي ۽ قابل اعتماد انتظام جو فريم ورڪ فراهم ڪندو رهيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان پنهنجي پاران مربوط منصوبا بندي، ٻوڏ کان تحفط، آبپاشي جي نظام جي بحالي، جر جي پاڻي وڌائڻ ۽ ماحولياتي نظام جي بحالي ذريعي آبي استحڪام کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. جن ۾(living Indus and recharge Pakistan projects) لونگ انڊس ۽ ريچارج پاڪستان جهڙا منصوبا شامل آهن. هن زور ڀريو ته گڏيل دريائي نظام ۾ آبي خطرن جو حل صرف قومي قدمن ذريعي ممڪن ناهي، سرحد پار آبي نظم و ضبط ۾ اڳواٽ معلومات، شفافيت ۽ سهڪار هيٺاهين وارن علائقن ۾ وسندڙ آبادين جي بقا لاءِ ضروري آهن. هلندڙ سال گڏيل قومن جي آبي ڪانفرنس کان اڳ پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڻي جي عدم تحفظ کي هڪ عالمي ۽ منظم خطري طور مڃيو وڃي ۽ عالمي آبي قانونن جي احترام ۽ تعاون کي مرڪزي حيثيت ڏني وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ڪيل واعدا ڪمزور هيٺاهين وارن علائقن جي حقيقي حفاظت ۾ تبديل ٿين.











