ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي وزيراعظم هان ڊڪ سو کي هٽايل صدر يون يوڪ يول جي بغاوت ۾ مدد تي 23 سال قيد جي سزا

سيئول-21 جنوري (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي وزيراعظم هان ڊڪ سو کي هٽايل اڳوڻي صدر يون سوڪ يول جي بغاوت ۾ مدد ۽ سهولتڪاري جي ڏوهه ۾ 23 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم هان کي اها سزا بغاوت ۾ مدد ڪرڻ ۽ اڳوڻي صدر يون طرفان مارشل لا جي اعلان بابت بغاوت جي اهم معاملن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي …

سيئول-21 جنوري (اي پي پي)ڏکڻ ڪوريا جي اڳوڻي وزيراعظم هان ڊڪ سو کي هٽايل اڳوڻي صدر يون سوڪ يول جي بغاوت ۾ مدد ۽ سهولتڪاري جي ڏوهه ۾ 23 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيئول سينٽرل ڊسٽرڪٽ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم هان کي اها سزا بغاوت ۾ مدد ڪرڻ ۽ اڳوڻي صدر يون طرفان مارشل لا جي اعلان بابت بغاوت جي اهم معاملن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي ٻڌائي. اڳوڻي صدر خلاف بغاوت ۽ ٻين الزامن جي جاچ جي قيادت ڪندڙ آزاد وڪيل چوان سوڪ جي ٽيم هان لاءِ 15 سال قيد جي سزا جو مطالبو ڪيو هو. عدالت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته 3 ڊسمبر 2024ع کي معزول اڳوڻي صدر يون سوڪ يول طرفان هنگامي مارشل لا جو اعلان آئيني نظام کي نقصان پهچائڻ جي مقصد سان ڪيل بغاوت جي برابر هو. عدالت نشاندهي ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم هان غير قانوني ڪابينا جو اجلاس منعقد ڪري ان غير قانوني مارشل لا کي قانوني حيثيت ڏيڻ جو هڪ ظاهري جواز فراهم ڪيو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن هان وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون درست طريقي سان نڀائي ها ته بغاوت کي روڪي پئي سگهيو. عدالت زور ڀريو ته هان پنهنجي حفاظت لاءِ مارشل لا بابت دستاويز لڪايا، جڏهن ته مارشل لا کي قانوني طريقيڪار موجب ظاهر ڪرڻ لاءِ دستاويزن ۾ ڦيرڦار ڪئي ۽ بعد ۾ ان کي ختم به ڪري ڇڏيو. سزا ٻڌائڻ کانپوءِ عدالت ثبوت ضايع ڪرڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي هان کي عدالت جي ڪمري ۾ ئي حراست ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو.

مزید خبریں