ويلنگٽن-21 جنوري (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽو فرلڪسن7 نومبر تي چونڊون ڪرائڻ جواعلان ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن هن عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي تاريخ جواعلان ڪرڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي معيشت ۽ ڏوهن جي روڪ ٿام جي حوالي سان پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ ملڪ جي اسپورٽس شيڊول پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي …
نيوزيلينڊ جي وزيراعظم پاران 7 نومبر تي چونڊون ڪرائڻ جواعلان

مزید خبریں
ويلنگٽن-21 جنوري (اي پي پي) نيوزيلينڊ جي وزيراعظم ڪرسٽو فرلڪسن7 نومبر تي چونڊون ڪرائڻ جواعلان ڪيو آهي، پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن هن عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي تاريخ جواعلان ڪرڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي معيشت ۽ ڏوهن جي روڪ ٿام جي حوالي سان پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرڻ ۾ ملڪ جي اسپورٽس شيڊول پڻ ڪردار ادا ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اها تاريخ ان وقت جي هڪ مهيني کانپوءِ ايندي جڏهن آل بليڪس پنهنجي سر زمين تي آسٽريليا خلاف ميچ کيڏندا. هن عزم ظاهر ڪيو ته سندس حڪومت بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجن منصوبن تي عمل درآمد ڪندي. هن چيو ته جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو هو ته ملڪ ۾ ڪيترائي ئي مسئلا درپيش هئا جن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي. هن چيو ته معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، ڪاروباري ۽ صارفين جي اعتماد ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.











