آمريڪا ڪيريبين ۾ وينزويلا  جو ستون ٽينڪر ساگيٽا ضبط ڪري ورتو

واشنگٽن - 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي فوج ڪيريبين جي سمنڊ ۾ وينزويلا جو ستون تيل بردار جھاز ساگيٽا  ضبط ڪري ورتو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق پينٽا گون چيو آھي ته اھو قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وينزويلا جي تيل ايڪسپورٽ ڪنٽرول ڪرڻ جي پاليسي جو حصو آھي. آمريڪي سدرن ڪمانڊ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ھڪ بيان ۾ چيو ته فوجي جٿن صبح جو ساگيٽا کي قبضي ۾ …

واشنگٽن – 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي فوج ڪيريبين جي سمنڊ ۾ وينزويلا جو ستون تيل بردار جھاز ساگيٽا  ضبط ڪري ورتو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق پينٽا گون چيو آھي ته اھو قدم صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان وينزويلا جي تيل ايڪسپورٽ ڪنٽرول ڪرڻ جي پاليسي جو حصو آھي. آمريڪي سدرن ڪمانڊ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ھڪ بيان ۾ چيو ته فوجي جٿن صبح جو ساگيٽا کي قبضي ۾ ورتو ڇاڪاڻ ته اهو  جهاز  آمريڪي صدر طرفان لاڳو ڪيل پابندين جي ڀڃڪڙي ڪري رھيو ھو. واضع رهي ته اھو ستون تيل بردار جهاز آھي، جنھن کي آمريڪي اختيارين گذريل ھفتن ۾ ضبط ڪيو آھي، جنھن جو مقصد پابندين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ غيرقانوني تيل جو نيٽ ورڪ روڪڻ آھي. ساگيٽا غير معمولي طور تي ڪيترن ئي مھينن تائين پنھنجي مقامي سسٽم کان لڪايو ھو ۽ ان کي آمريڪا اڳوڻي روس ۽ ٻين عالمي پابندين تحت به نشا تي رکيو ھو. آمريڪي بيان مطابق ان قسم جي قدمن جو مقصد علائقائي استحڪام ۽ آمريڪي عوام کي سيڪيورٽي کي ترجيح ڏيڻ آھي، جڏھن ته انتظاميا وينزويلا جي تيل جي روانگي واپار تي سخت نگراني جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آھي.

مزید خبریں