گڏيل قومون- 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، سوڊان ۾ مخالف فوجي ڌرين وچ ۾ جاري ۽ ڦهلجندڙ جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششن جي تجديد، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ سوڊاني قيادت ۾ سياسي عمل جي بحالي تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقبل نمائندي عثمان جدون، سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ان تڪرار جو ڪو فوجي حل ناهي. …
پاڪستان جو سوڊان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
گڏيل قومون- 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، سوڊان ۾ مخالف فوجي ڌرين وچ ۾ جاري ۽ ڦهلجندڙ جنگ جي خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششن جي تجديد، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراهمي ۽ سوڊاني قيادت ۾ سياسي عمل جي بحالي تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقبل نمائندي عثمان جدون، سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ان تڪرار جو ڪو فوجي حل ناهي. اهو اجلاس سوڊان جي دار فور خطي ۾ سنگين انساني صورتحال تي غور لاءِ منعقد ٿيو هو. عثمان جدون چيو ته پاڪستان بحث ۽ سفارتڪاري جي حمايت جاري رکندو ۽ سوڊان جي خودمختاري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي جي احترام جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. عثمان جدون پنهنجي خطاب ۾ زور ڀريو ته اولهه دارفور، الجنينه ۽ الفاشر ۾ ڪيل ڏوهه کي ڪنهن صورت سزا کان نه بچڻ گهرجي. هن عالمي فوجداري عدالت سان گڏ سوڊان جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته احتساب جو اهڙو جامع نظام هئڻ گهرجي، جيڪو قومي خودمختياري ۽ عدالتي اصولن جو احترام ڪري.











