ڪراچي- 20 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ٺل ويجهو ناري سان اجتماعي ڏاڍائي بابت ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ سندس ٽيم جي ڪامياب انڪوائري تعريف جوڳي آهي. اطلاعات کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل پڌرائي مُوجب گهرو وزير جيڪب آباد جي شهر ٺل ويجهو ناري سان اجتماعي زيادتي واري معاملي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي صاف ۽ غير جانبداراڻي تحقيقات جون …
ٺل ويجهو ناري سان اجتماعي ڏاڍائي بابت ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ سندس ٽيم جي ڪامياب انڪوائري تعريف جوڳي آهي: گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار
ڪراچي- 20 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ٺل ويجهو ناري سان اجتماعي ڏاڍائي بابت ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ سندس ٽيم جي ڪامياب انڪوائري تعريف جوڳي آهي. اطلاعات کاتي سنڌ پاران جاري ڪيل پڌرائي مُوجب گهرو وزير جيڪب آباد جي شهر ٺل ويجهو ناري سان اجتماعي زيادتي واري معاملي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي صاف ۽ غير جانبداراڻي تحقيقات جون هدايتون جاري ڪيون هيون. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد جي انڪوائري رپورٽ ۾ 6 پوليس اهلڪارن جي ملوث هجڻ جي ثابتي ملي آهي. انتهائي صاف، غير جانبداراڻي ۽ ڪامياب انڪوائري تي ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ سندس ٽيم جي ڪارڪردگي تعريف جوڳي آهي. پوليس کاتي ۾ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙن لاءِ ڪابه جاءِ ناهي. ڪارين رڍن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. متاثر ناري کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو وڃي. گرفتار ملزمن کي قانون موجب سخت ترين سزا کي يقيني بڻايو وڃي. متاثر خاندان کي مڪمل سيڪيورٽي ۽ قانوني مدد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. هن چيو ته قانون کان ڪو به مٿاھون ناهي، ذميوارن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو.











