هاڻي امن بابت نٿو سوچيان، آمريڪي صدر گرين لينڊ تي قبضي کي نوبل انعام سان جوڙي ڇڏيو

واشنگٽن - 20 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرين لينڊ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي مهم کي کيس امن جي نوبل انعام نه ڏيڻ سان جوڙيندي چيو آهي ته هاڻي هو امن بابت نٿو سوچي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻيٽ بابت آمريڪي صدر جي ارادن تان تڪرار ڪر کنيو آهي ۽ يورپ سان واپاري جنگ جا خطرا پيدا ٿيا آهن . هڪ انٽرويو ۾ جڏهن آمريڪي صدر کان …

واشنگٽن – 20 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گرين لينڊ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي مهم کي کيس امن جي نوبل انعام نه ڏيڻ سان جوڙيندي چيو آهي ته هاڻي هو امن بابت نٿو سوچي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻيٽ بابت آمريڪي صدر جي ارادن تان تڪرار ڪر کنيو آهي ۽ يورپ سان واپاري جنگ جا خطرا پيدا ٿيا آهن . هڪ انٽرويو ۾ جڏهن آمريڪي صدر کان پڇيو ويو ته هو گرين لينڊ تي قبضي لاءِ فوج استعمال ڪندو ته هن ان جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر اهو عزم ورجايو ته جيڪڏهن معاهدو نه ٿي سگهيو ته يورپي ملڪن کي ٽيرف جو نشانو بڻايو ويندو. صدر ٽرمپ نيٽو جي ميمبر ڊينمارڪ کان گرين لينڊ جو اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ دٻاءَ جي سلسلي کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد يورپي يونين به جوابي قدمن لاءِ تياري تي مجبور ٿي ويو آهي. ان  تڪرار سان نيٽو جي اتحاد لاءِ شديد خطرا پيدا ٿي ويا آهن  جيڪي ڪيترن سالن کان اولهه جي ملڪن جي سلامتي کي محفوظ بڻائندا رهيا آهن  ۽ جيڪي پهريان ئي يوڪرين جي جنگ سبب دٻاءَ جو شڪار آهن جڏهن ته صدر ٽرمپ جي ان اعلان به انهن جي پريشاني وڌائي ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته يورپ جي اتحادين جو جنگ ۾ ساٿ اوسيتائين نه ڏنو ويندو جيستائين هو پنهنجو دفاعي خرچ نه وڌائيندا . صدر ٽرمپ جي ڌمڪي سان يورپ جي صنعتي شعبي کي شديد جهٽڪو لڳو آهي ۽ انهن کي معاشي مارڪيٽ ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

مزید خبریں