ميڊرڊ -20 جنوري (اي پي پي) اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ملڪ ۾ پيش آيل ريل حادثي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 03 ڏينهن سرڪاري سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميديا موجب وزيراعظم پيڊرو سانچيز پنهنجو طئي ٿيل پروگرام ملتوي ڪندي حادثي جو دورو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قومي سوڳ اعلان ڪيو ويو …
اسپين ۾ ٽرين حادثو، ملڪ ۾ ٽي ڏينهن قومي سوڳ جو اعلان

مزید خبریں
ميڊرڊ -20 جنوري (اي پي پي) اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سانچيز ملڪ ۾ پيش آيل ريل حادثي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 03 ڏينهن سرڪاري سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. حادثي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 40 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميديا موجب وزيراعظم پيڊرو سانچيز پنهنجو طئي ٿيل پروگرام ملتوي ڪندي حادثي جو دورو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قومي سوڳ اعلان ڪيو ويو آهي. هن واقعي کي ملڪ لاءِ انتهائي دردناڪ ڏينهن قرار ڏيندي حادثي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ جو وعدو ڪيو. هن چيو ته اسان سچ تائين پهچنداسين ۽ يقين ڏياريو ته حڪومت عوام کي مڪمل شفافيت سان آگاهه رکندي. اهو حادثو آچر جي رات 7:45 منٽن تي ان وقت پيش آيو هو جڏهن مالاگا کان ميڊرڊ ويندڙ هڪ مسافر ٽرين جنهن ۾ 317 مسافر سوار هيا ، صوبي قرطبه ويجهو ادموز جي علائقي ۾ بنا ڪنهن سبب جي ريل گاڏي پٽڙي تان لهي وئي. اختيارين موجب سومر تائين 40 فوتگين جي تصديق ٿي چڪي هئي جڏهن ته 48 زخمي مخلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن انهن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.











