ڪراچي - 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي ناليواري سرجن ۽ ايس آءِ يو ٽي ڪراچي جي يورولوجي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر مرلي ڌر جي ڪتاب ”صحت سڀني جي لاءِ“ جي ڪراچي ۾ مهورتي تقريب ٿي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيل تقريب جي صدارت نامياري ليکڪا نورالهديٰ شاهه ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر وسعت الله خان، ڊاڪٽر توصيف احمد خان، ڊاڪٽر جبار احمد خان، ڊاڪٽر رياض شيخ، سينيئر صحافي …
پاڪستان جي ناليواري سرجن ۽ ايس آءِ يو ٽي ڪراچي جي يورولوجي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر مرلي ڌر جي ڪتاب ”صحت سڀني جي لاءِ“ جو مهورت
ڪراچي – 20 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي ناليواري سرجن ۽ ايس آءِ يو ٽي ڪراچي جي يورولوجي شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر مرلي ڌر جي ڪتاب ”صحت سڀني جي لاءِ“ جي ڪراچي ۾ مهورتي تقريب ٿي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيل تقريب جي صدارت نامياري ليکڪا نورالهديٰ شاهه ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر وسعت الله خان، ڊاڪٽر توصيف احمد خان، ڊاڪٽر جبار احمد خان، ڊاڪٽر رياض شيخ، سينيئر صحافي سهيل سانگي، ڊاڪٽر پشپا ۽ ڪمليشور لوهاڻا خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي نورالهديٰ شاهه چيو ته ڊاڪٽر پاڻ فرشته صفت هوندا آهن ۽ سٺي ماحول ۾ رهي انسان وڌيڪ بهتر بڻجي وڃي ٿو. هن سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ هندو ڪميونٽي جي فخر جوڳي ڪردار کي پڻ ساراهيو. ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته هي ڪتاب ڪنهن بند ڪمري ۾ لکيل لکڻين جو مجموعو نه آهي، پر اهي خيال آهن جيڪي ڊاڪٽر مرلي ڌر اخبارن ۾ ڪالمن، سنڌي تخليقن ۽ اردو زبان جي ذريعي سڌوسنئون عوام تائين پهچايا. هن چيو ته ڊاڪٽر مرلي ڌر قلم هجي، ڪتاب هجي يا ڪئميره هر ذريعي سان هڪ ئي پيغام ڏي ٿو، ۽ اهو آهي صحت سڀني جي لاءِ. هن وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه ساراهه جوڳي آهي ته ڊاڪٽر مرلي ڌر پنهنجي پيغام کي رڳو ڪاغذ تائين محدود نه رکيو پر يوٽيوب چينل جي ذريعي پڻ عوام تائين پهچايو. اهڙي طرح سندس پيغام اخبار ۾ پڙهيو ويو، ڪتاب ۾ محفوظ ٿيو ۽ ڊيجيٽل دنيا ۾ محسوس ڪيو ويو. اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سچو پيغام هر دور جي ذريعي کي قبول ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته اصل علاج نسخن سان نه پر نيت ۽ عمل سان ٿئي ٿو. ڊاڪٽر پلوشه خطاب ڪندي چيو ته اهو سفر آسان نه هو، پر ناممڪن به نه آهي. آئون ۽ مرلي ان سفر تي نڪتاسين، رستو ڏکيو هو پر آخرڪار ڪتاب مڪمل ٿيو، جيڪو اهم معلومات تي ٻڌل آهي ۽ سمورن ماڻهن جي لاءِ ڪارائتو آهي. هن چيو ته جتي پيغام پهچائڻ جي ضرورت هجي، اتي پيغام ضرور پهچائڻ گهرجي. ڊاڪٽر ڪمليشور چيو ته هي ڪتاب ان سوچ جو عملي مثال آهي جتي طب رڳو علاج تائين محدود نه آهي پر آزاد شعور ۽ انساني همدرديءَ جو ذريعو پڻ بڻجي ٿي. هن چيو ته يورولوجي جهڙي حساس شعبي تي عوام جي لاءِ لکڻ نه رڳو علمي پر اخلاقي ذميواري به آهي، اهڙيون لکڻيون مريضن جي خوف کي گهٽ ڪن ٿيون. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر مرلي ڌر چيو ته عوام تائين صحيح معلومات پهچائڻ سندس اولين ذميواري آهي، انهي لاءِ هو يوٽيوب تي مختصر معلوماتي وڊيوز پڻ ٺاهي رهيا آهن، جنهن سان ماڻهن ۾ آگاهي وڌي آهي.











