سنڌ جي وڏي وزير پاران گل پلازا ۾ پيش آيل افسوسناڪ باهه لڳڻ واري واقعي بابت جامع امدادي پيڪيج، جاچ ۽ فائر سيفٽي سڌارن جو اعلان

ڪراچي-19 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گل پلازا ۾ پيش آيل افسوسناڪ باهه لڳڻ واري واقعي بابت جامع امدادي پيڪيج، جاچ ۽ فائر سيفٽي سڌارن جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، جتي واپاري ۽ ڪاروباري اڳواڻ محمد جاويد ٻلواڻي، محمد ادريس ميمڻ، محمد رضا، محمد جنيد مقطه، محمد طارق يوسف ۽ محمد تنوير پاستا موجود …

ڪراچي-19 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گل پلازا ۾ پيش آيل افسوسناڪ باهه لڳڻ واري واقعي بابت جامع امدادي پيڪيج، جاچ ۽ فائر سيفٽي سڌارن جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، جتي واپاري ۽ ڪاروباري اڳواڻ محمد جاويد ٻلواڻي، محمد ادريس ميمڻ، محمد رضا، محمد جنيد مقطه، محمد طارق يوسف ۽ محمد تنوير پاستا موجود هئا. وڏي وزير چيو ته گل پلازا ۾ باهه لڳڻ جو دل ڏکوئيندڙ واقعو رات لڳ ڀڳ 10 لڳي 15 منٽن تي پيش آيو. هن چيو ته باهه لڳڻ جو حتمي سبب اڃان تائين سامهون نه اچي سگھيو آھي، پر شروعاتي جائزي موجب شارٽ سرڪٽ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا کي ٻڌايو ته باهه وسائڻ لاءِ 24 فائر بريگيڊ گاڏيون، 10 واٽر باؤزر ۽ 4 اسنوڪر گاڏيون استعمال ڪيون ويون. ڪي ايم سي جا اٽڪل 100 فائر فائٽر ۽ ريسڪيو 1122 جا ٻيا 100 اهلڪار آپريشن ۾ شامل هئا. هن چيو ته عمارت جي بناوٽ سبب اندر وڃڻ ڏکيو هو ۽ اڃا تائين اٽڪل 10 سيڪڙو باهه ڀڙڪي رهي آهي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته باهه جي واقعي ۾ فوت ٿيل هر شهري جي وارثن کي هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو ويندو. هن يقين ڏياريو ته متاثر دڪاندارن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو ۽ کين ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ مڪمل مدد ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته متاثرن جي مدد لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. واپارين جي ڪميٽي مالي نقصان جو جائزو وٺندي، جڏهن ته حڪومت ان مطابق سهڪار فراهم ڪندي. متاثر دڪاندارن لاءِ عارضي متبادل جڳهن بابت تجويزون به غور هيٺ آهن. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪراچي جي ڪمشنر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن سان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سهڪار ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته فارنزڪ ليبارٽري لاهور کان به مدد ورتي پئي وڃي. وڏي وزير واضح ڪيو ته جاچ جو مقصد ڪنهن کي نشانو بڻائڻ ناهي پر غلطيون سڌارڻ آهي، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي تخريبڪاري ثابت ٿي ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ضرورت پوڻ تي جوڊيشل انڪوائري به ڪرائي ويندي. وڏي وزير فائر سيفٽي آڊٽ 2024ع تي فوري عملدرآمد جو اعلان ڪيو، جنهن تحت 145 عمارتن جو جائزو ورتو ويو آهي. هن چيو ته اهڙن واقعن کان بچاءَ لاءِ حڪومت ۽ واپاري برادري ٻنهي کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون. هن اعلان ڪيو ته دڪانن ۾ فائر الارم لڳائڻ لازمي ڪيو ويندو، ڇوته اهي وقت سر ماڻھن کي بلڊنگ مان ٻاھر ڪڍڻ سان قيمتي انساني جانيون بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن مڃيو ته ڪراچي جي ڪيترين ئي عمارتن ۾ سنجيده حفاظتي مسئلا موجود آهن، جن کي فوري قدمن سان حل ڪيو ويندو. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته گل پلازا ۾ اصل اجازت 1017 دڪانن جي هئي ۽ جاچ ۾ اهو به ڏٺو ويندو ته ڇا اضافي دڪان تعمير ڪيا ويا ۽ ڇا مناسب فائر فائٽنگ انتظام موجود هئا يا نه؟ وڏي وزير سمورين ڌرين کي اپيل ڪئي ته هن ڏکئي وقت ۾ تحمل، ذميواري ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو وڃي ۽ غير ضروري الزام لڳائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت پنهنجون غلطيون تسليم ڪري ٿي پر هر اداري کي به پنهنجو احتساب ڪرڻ گهرجي. ميڊيا کي مخاطب ڪندي هن چيو مان ميڊيا کان ناراض ناهيان پر مثبت ۽ تعميري ڪردار جي درخواست ڪرڻ غلط ناهي. وڏي وزير ٻڌايو ته باهه جو اطلاع رات 10:16 وڳي مليو ۽ پهرين فائر ٽينڊر 10:26 وڳي واقعي واري هنڌ پهتي. پاڻي جي فراهمي ۾ رڪاوٽون بند رستن سبب پيش آيون. هن پنهنجي دير بابت وضاحت ڪندي چيو ته هو ان وقت شهر کان ٻاهر هو جڏهن ته ميئر ڪراچي به ٻاهر هو ۽ پهرين دستياب اڏام ذريعي واپس آيو. نائب ميئر ۽ ڪمشنر ڪراچي موقعي تي موجود هئا ۽ هو مسلسل رابطي ۾ رهيا. مشهور واپاري اڳواڻ جاويد ٻلواڻي وڏي وزير جي بيانن جي تائيد ڪئي ۽ ميڊيا کان بحالي جي ڪوششن ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته فائر الارم انساني جانيون بچائڻ جو سڀ کان اهم ذريعو آهن ۽ ڪراچي چيمبر شهر جي مارڪيٽن ۾ فائر ڊرلز ڪرائيندو. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ وڏي وزير چيو ته اهڙا سانحا دنيا ۾ هر هنڌ ٿين ٿا پر اصل امتحان سبق سکڻ ۽ نظام بهتر بڻائڻ ۾ آهي. هن چيو مان سڀني کان گذارش ٿو ڪريان ته باهه وسائڻ ۾ مدد ڪريو، ان کي هوا نه ڏيو. ان کان اڳ وڏي وزير هڪ هنگامي اجلاس جي صدارت پڻ ڪئي، جنهن ۾ اهڙن واقعن کان بچاءَ لاءِ ڊگهي مدي وارن سڌارن تي غور ڪيو ويو. هن هدايت ڪئي ته صوبي جي فائر سروسز کي ريسڪيو 1122 هيٺ متحد ڪيو وڃي ته جيئن پيشيوراڻو ۽ مربوط ردعمل ممڪن بڻجي. ان سان گڏ سنڌ ڪميونٽي سيفٽي ايڪٽ 2026ع ۽ واپاري عمارتن لاءِ سخت حفاظتي قانونن کي تيزي سان لاڳو ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو. ان دوران پي ڊي ايم اي سنڌ، گل پلازا ۾ ڪولنگ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري رکيو آهي جڏهن ته اختيارين باهه جي سببن جي جاچ ۽ ايمرجنسي تيارين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ سعيد غني، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ڊي سي سائوٿ جاويد کوسو به موجود هئا.