جاپاني وزيراعظم پاران 23 جنوري تي هيٺين ايوان ختم ڪرڻ جو اعلان، چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون

ٽوڪيو-19 جنوري (اي پي پي) جاپاني وزيراعظم سانائي تاڪائيچي اعلان ڪيو آهي ته هو 23 جنوري تي نمائندن وارو ايوان ختم ڪندو ته جئين 8 فيبروري تي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي سگهجن. پرڏيهي ميڊيا مطابق پريس ڪانفرنس ۾ جاپاني وزيراعظم چيو ته هو هلندڙ سال جي عام پارلياماني اجلاس جي افتتاحي ڏينهن جمعي تي 465 رڪني هيٺيون ايوان ختم ڪندو. هن چيو ته ووٽنگ 8 فيبروري تي ٿيندي، جڏهن …

ٽوڪيو-19 جنوري (اي پي پي) جاپاني وزيراعظم سانائي تاڪائيچي اعلان ڪيو آهي ته هو 23 جنوري تي نمائندن وارو ايوان ختم ڪندو ته جئين 8 فيبروري تي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائي سگهجن. پرڏيهي ميڊيا مطابق پريس ڪانفرنس ۾ جاپاني وزيراعظم چيو ته هو هلندڙ سال جي عام پارلياماني اجلاس جي افتتاحي ڏينهن جمعي تي 465 رڪني هيٺيون ايوان ختم ڪندو. هن چيو ته ووٽنگ 8 فيبروري تي ٿيندي، جڏهن ته باضابطا چونڊ مهم 27 جنوري کان شروع ٿيندي. اها چونڊ جيڪا 21 آڪٽوبر تي وزيراعظم سانائي تاڪائيچي جي منصب سنڀالڻ کانپوءِ پهرين چونڊ هوندي، موجوده هيٺين ايوان جي مدو ختم ٿيڻ ۾ 2 سال کان وڌيڪ وقت باقي رهندي منعقد ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں