ڪراچي-19 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي تھ گل پلازا واقعو ھاڻي ھڪ قومي سانحو اختيار ڪري چڪو آھي. باهه لڳڻ جي سببن جو تعين ضرور ڪيو ويندو. ھي وقت سياست جو نھ پر متاثرن جي مڪمل ازالي جو آھي. ھن اھا ڳالهه گل پلازا پھچڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي چئي. گورنر چيو تھ جيستائين متاثر ماڻھن جي نقصانن جو مڪمل ازالو نھ ٿو …
گل پلازا واقعو ھاڻي ھڪ قومي سانحو اختيار ڪري چڪو آھي، باهه لڳڻ جي سببن جو تعين ضرور ڪيو ويندو: گورنر ڪامران خان ٽيسوري
ڪراچي-19 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آھي تھ گل پلازا واقعو ھاڻي ھڪ قومي سانحو اختيار ڪري چڪو آھي. باهه لڳڻ جي سببن جو تعين ضرور ڪيو ويندو. ھي وقت سياست جو نھ پر متاثرن جي مڪمل ازالي جو آھي. ھن اھا ڳالهه گل پلازا پھچڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي چئي. گورنر چيو تھ جيستائين متاثر ماڻھن جي نقصانن جو مڪمل ازالو نھ ٿو ٿي وڃي ھو ساڻن گڏ بيٺل رھندو ۽ عوام لاءِ جيڏانھن وڃڻو پيو اوڏانھن ويندو. ان کان اڳ گورنر ڪامران خان ٽيسوري گل پلازا پھتو ۽ گذريل 18 ڪلاڪن کان جاري ريسڪيو آپريشن جو تفصيلي جائزو ورتو. ان موقعي تي موجود ڊپٽي ڪمشنر گورنر کي باهه وسائڻ ۽ ريسڪيو ڪارروائين بابت بريفنگ ڏني.











