جڪارتا- 19 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ لاپتا ٿيل هڪ ننڍي مسافر جهاز جو ملبو ملي ويو آهي پر جهاز ۾ سوار 10 ڄڻن جو هن وقت تائين ڪو پتو نه ملي سگهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين تصديق ڪئي آهي ته انڊونيشين ايئر ٽرانسپورٽ جو اهو ٽربو پروپ جهاز ڇنڇر جي منجهند جو ان وقت گم ٿي ويو هو جڏهن اهو يوگياڪارٽا کان سولاويسي ٻيٽ جي شهر مڪاسر …
انڊونيشيا ۾ تباهه ٿيل مسافر جهاز جو ملبو ملي ويو، 10 مسافر هن وقت تائين لاپتا

مزید خبریں
جڪارتا- 19 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ لاپتا ٿيل هڪ ننڍي مسافر جهاز جو ملبو ملي ويو آهي پر جهاز ۾ سوار 10 ڄڻن جو هن وقت تائين ڪو پتو نه ملي سگهيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين تصديق ڪئي آهي ته انڊونيشين ايئر ٽرانسپورٽ جو اهو ٽربو پروپ جهاز ڇنڇر جي منجهند جو ان وقت گم ٿي ويو هو جڏهن اهو يوگياڪارٽا کان سولاويسي ٻيٽ جي شهر مڪاسر وڃي رهيو هو. اختيارين مطابق اڏام دوران اوچتو ان جو رابطو ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سان ختم ٿي ويو هو. سرچ اينڊ ريسڪيو ايجنسي جي سربراهه محمد عارف انور ميڊيا کي ٻڌايو ته گڏيل امدادي ٽيمن کي ملبي مان جهاز جو ڍانچو، پچ جو حصو، ۽ دريون مليون آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته سندن پهرين ترجيح جهاز ۾ سوار مسافرن ۽ عملي کي ڳولڻ آهي ۽ هو پراميد آهي ته شايد ڪجهه ماڻهن کي حفاظت سان بچايو وڃي.











