اسپين ۾ تيز رفتار ريل گاڏين ۾ ٽڪر، 21 ڄڻا فوت، 100زخمي

ميڊرڊ- 19 جنوري (اي پي پي) اسپين جي علائقي اندلس ۾ ٻن تيز رفتار ريل گاڏين جي خوفناڪ ٽڪر ۽ پٽڙي تان لهي وڃڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ڄڻا فوت جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حادثي جي فوري بعد امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون. اطلاعن مطابق هڪ ريل گاڏي ۾ اٽڪل 300 مسافر سوار هئا جيڪا پٽڙي تان لهي اونڌي ٿي …

ميڊرڊ- 19 جنوري (اي پي پي) اسپين جي علائقي اندلس ۾ ٻن تيز رفتار ريل گاڏين جي خوفناڪ ٽڪر ۽ پٽڙي تان لهي وڃڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 21 ڄڻا فوت جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق حادثي جي فوري بعد امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون. اطلاعن مطابق هڪ ريل گاڏي ۾ اٽڪل 300 مسافر سوار هئا جيڪا پٽڙي تان لهي اونڌي ٿي پئي، جنهن سبب سامهون کان ايندڙ ريل گاڏي ان سان ٽڪرائجي وئي جنهن ۾ 100 مسافر سوار هئا. حادثي سبب ڪيتريون ئي بوگيون متاثر ٿيون. ريسڪيو ۽ هنگامي خدمتن جا اهلڪار حادثي واري هنڌ موجود آهن ۽ زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو سبب هن وقت تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو.

مزید خبریں