واشنگٽن -19 جنوري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته گرين لينڊ ٻيٽ کي فوجي طور ان وقت ئي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو جڏهن هو آمريڪا جو حصو بڻجي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ هڪ انٽرويو دوران هڪ بيان ۾ چئي. هن ان ٻيٽ جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ غير معمولي معاشي دٻاءُ وجهڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي جو دفاع ڪيو. …
آمريڪا جو حصو بڻجڻ تي ئي گرين لينڊ کي فوجي طور محفوظ بڻائي سگهجي ٿو: آمريڪا جو ناڻي وارو وزير

مزید خبریں
واشنگٽن -19 جنوري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته گرين لينڊ ٻيٽ کي فوجي طور ان وقت ئي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو جڏهن هو آمريڪا جو حصو بڻجي وڃي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه آمريڪا جي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ هڪ انٽرويو دوران هڪ بيان ۾ چئي. هن ان ٻيٽ جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ غير معمولي معاشي دٻاءُ وجهڻ واري ڊونلڊ ٽرمپ جي منصوبي جو دفاع ڪيو. يورپ جي 8 ملڪن مان امپورٽ تي 10 کان 25 سيڪڙو تائين ڪسٽمز ڊيوٽي لڳائڻ لاءِ قومي ايمرجنسي ايڪٽ جي استعمال جي قانوني حيثيت تي پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ هن اهو جواز پيش ڪيو ته حقيقي قومي هنگامي صورتحال اها آهي جيڪا مستقبل ۾ ڪنهن قومي هنگامي صورتحال کان بچائي. هن واضح ڪيو ته آمريڪي انتظاميه پنهنجي عظيم معاشي طاقت کي اتر قطب ۾ جنگ کي روڪڻ لاءِ هڪ اڳواٽ هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي. هڪ سوال ڪيو ويو ته ڇا فوجي آپشن هاڻي به موجود آهي، جيئن صدر اڳ اشارو ڏنو هو، ته آمريڪي ناڻي واري وزير ٻڌايو ته هن ان بابت ٽرمپ سان سڌيءَ ريت ڳالهه ٻولهه ناهي ڪئي. هن چين سان موجوده صورتحال کي به مستحڪم قرار ڏنو پر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته طاقت جي توازن ۾ ڪنهن به بگاڙ جي صورت ۾ صدر فوري ڪارروائي لاءِ تيار آهي.











