تهران- 19 جنوري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان خبردار ڪيو آهي ته ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي تي ڪو به حملو جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اسانجي ملڪ جي عظيم قائد تي حملو ايران جي عوام خلاف جنگ ڇيڙڻ جي برابر آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر تي هڪ …
ايران جي سپريم ليڊر تي حملو جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو: ايران جو صدر

مزید خبریں
تهران- 19 جنوري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان خبردار ڪيو آهي ته ايران جي سپريم ليڊر علي خامنه اي تي ڪو به حملو جنگ جو اعلان تصور ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو ته اسانجي ملڪ جي عظيم قائد تي حملو ايران جي عوام خلاف جنگ ڇيڙڻ جي برابر آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر تي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هاڻي ايران ۾ نئين قيادت ڳولڻ جو وقت اچي ويو آهي. ٽرمپ علي خامنه اي جي 37 سالن جي حڪمراني جي خاتمي تي زور ڀريو هو. ايران جي سپريم ليڊر ملڪ ۾ ڪيترن ئي هفتن کان جاري احتجاجي مظاهرن جي ذميواري ٽرمپ تي لڳائي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق علي خامنه اي چيو ته آمريڪي صدر کي انهن فوتگين، نقصانن ۽ ايراني قوم جي ساک کي پهچندڙ نقصان سبب ڏوهاري قرار ڏيون ٿا. ايران ۾ معاشي ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي 28 ڊسمبر تي احتجاجي مظاهرا شروع ٿيا هئا. ٽرمپ ڪيترائي ڀيرا مداخلت جي ڌمڪي ڏني ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران مظاهرو ڪندڙن کي موت جي سزا ڏني ته هو انتهائي سخت ڪارروائي ڪندو.











