مظاهرو ڪندڙن مان هن وقت تائين ڪنهن کي موت جي سزا ناهي ٻڌائي وئي: ايران جي عدليه

تهران- 19 جنوري (اي پي پي) ايران جي عدليه اعلان ڪيو آهي ته حڪومت مخالف عوامي احتجاج جي سلسلي ۾ مظاهرو ڪندڙن مان هن وقت تائين ڪنهن کي موت جي سزا ناهي ٻڌائي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عدليه جي ترجمان چيو ته قانوني ڪارروائي جو عمل سخت ۽ ڊگهو آهي جنهن ۾ مهينا يا سال لڳي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته احتجاج ۾ شامل ڪجهه ماڻهو ڪرائي جا ڪارڪن آهن …

تهران- 19 جنوري (اي پي پي) ايران جي عدليه اعلان ڪيو آهي ته حڪومت مخالف عوامي احتجاج جي سلسلي ۾ مظاهرو ڪندڙن مان هن وقت تائين ڪنهن کي موت جي سزا ناهي ٻڌائي وئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق عدليه جي ترجمان چيو ته قانوني ڪارروائي جو عمل سخت ۽ ڊگهو آهي جنهن ۾ مهينا يا سال لڳي سگهن ٿا. ترجمان چيو ته احتجاج ۾ شامل ڪجهه ماڻهو ڪرائي جا ڪارڪن آهن جن جا لاڳاپا اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي ”موساد“ ۽ آمريڪي ايجنسي ”سي آءِ اي“ سان آهن. ترجمان مطابق عدليه گمراهه ٿيل مظاهرو ڪندڙن ۽ اصل چڙ ڏيارڻ وارن وچ ۾ فرق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. سخت سزائون ڪافي ثبوتن جي دستيابي کانپوءِ ئي ڏنيون وينديون. ان ئي سلسلي ۾ ايران جي پراسيڪيوٽر جنرل علي صالحي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انهن بيانن کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هن چيو هو ته ايران حراست هيٺ ڪيترن ئي مظاهرو ڪندڙن جي موت جي سزا تي عمل روڪي ڇڏيو آهي. علي صالحي چيو ته مظاهرو ڪندڙن جو جواب فيصلائتو، عبرت ناڪ ۽ فوري هوندو.

مزید خبریں