سنڌ جي وڏي وزير گل پلازه ۾ باهه جي واقعي جو نوٽيس ورتو، جاچ جو حڪم

ڪراچي - 18 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن شهر جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازه شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو. وڏي وزير، ڪراچي جي ڪمشنر کي واقعي جي فوري انڪوائري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن باهه سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن ڪمشنر ڪراچي کي …

ڪراچي – 18 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن شهر جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازه شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ واري واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو. وڏي وزير، ڪراچي جي ڪمشنر کي واقعي جي فوري انڪوائري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن باهه سبب ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. هن ڪمشنر ڪراچي کي باهه لڳڻ جي سببن جو تعين ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وڏي وزير عمارت ۾ فائر سيفٽي انتظامن جو معائنو ڪرڻ جي هدايت ڏني ۽ فائر سيفٽي قانون تي سختي سان عملدرآمد جا حڪم به جاري ڪيا. هن هدايت ڪئي ته ڪوتاهي يا لاپرواهي ثابت ٿيڻ تي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. هن زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي سميت ڪراچي ۾ ڪمرشل عمارتن جي فوري طور تي فائر سيفٽي آڊٽ ڪرڻ جون به هدايتون ڏنيون.