سنڌ جي گورنر جو گل پلازه ۾ پيش آيل باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گھري ڳڻتي جو اظھار

ڪراچي- 18 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي جي گل پلازه ۾ پيش آيل باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گھري ڳڻتي جو اظھار ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي آھي. گورنر دعا ڪئي تھ الله تعاليٰ مرحومن کي جوار رحمت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي. ان کان اڳ گورنر رات دير سان گل پلازه واقعي …

ڪراچي- 18 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي جي گل پلازه ۾ پيش آيل باهه لڳڻ واري افسوسناڪ واقعي تي گھري ڳڻتي جو اظھار ڪندي قيمتي جانين جي نقصان تي متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي آھي. گورنر دعا ڪئي تھ الله تعاليٰ مرحومن کي جوار رحمت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي. ان کان اڳ گورنر رات دير سان گل پلازه واقعي واري ھنڌ پھتو، جتي ھن ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائين جي پاڻ نگراني ڪئي. گورنر ھائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر ڪامران خان ٽيسوري متاثر واپارين ۽ ماڻهن لاءِ ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائيندي لاڳاپيل ادارن کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي. ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ پاران گورنر کي باهه لڳڻ واري واقعي تي بريفنگ ڏني وئي، جنھن بعد گورنر ريسڪيو آپريشن ۽ بحالي جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو. گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي ھدايت تي نيوي جي اسنارڪل ۽ فائرٽينڊر بھ ريسڪيو ڪارروائين ۾ حصو ورتو. گورنر نقصانن جي ازالي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ھدايت ڏيندي چيو تھ متاثرن کي اڪيلو نھ ڇڏيو ويندو. بعد ۾ گورنر سان گڏ پير حسنان حسيب الرحمان ۽ حبيب عطاري واقعي واري ھنڌ تي متاثرن لاءِ سلامتي، صبر خاص دعائون بھ گھريون.