سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ورلڊ اڪنامڪ فورم 2026ع ۾ سعودي وفد جي سربراهي ڪندو

رياض- 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم 2026ع ۾ سعودي عرب جي اعليٰ سطح جي وفد جي سربراهي ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ورلڊ اڪنامڪ فورم 19 کان 23 جنوري تائين جاري رهندو، هلندڙ سال فورم جو ٿيم ”اي اسپرٽ آف ڊائيلاگ“ آهي. سعودي وفد ۾ آمريڪا ۾ سعودي سفير شهزادي ريما بنت بندر بن سلطان، واپار وارو …

رياض- 18 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم 2026ع ۾ سعودي عرب جي اعليٰ سطح جي وفد جي سربراهي ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ورلڊ اڪنامڪ فورم 19 کان 23 جنوري تائين جاري رهندو، هلندڙ سال فورم جو ٿيم ”اي اسپرٽ آف ڊائيلاگ“ آهي. سعودي وفد ۾ آمريڪا ۾ سعودي سفير شهزادي ريما بنت بندر بن سلطان، واپار وارو وزير ڊاڪٽر ماجد عبدالله القصبي، سياحت وارو وزير، سيڙپڪاري بابت وزير ناڻي وارو وزير، ڪميونيڪيشن اينڊ انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت وزير، صنعت ۽ معدني وسيلن بابت وزير ۽ اقتصاد ۽ منصوبه بندي وارو وزير شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي وفد عالمي استحڪام ۽ خوشحالي کي هٿي ڏيڻ لاءِ گورنمنيٽ، بزنس، سول سوسائٽي ۽ تعليمي اداران جي ليڊرز سان تعميري ڳالهين ۾ حصو وٺندو. عالمي برادري جي هڪ ذميوار ۽ پرعزم رڪن طور سعودي وفد ٻه طرفا ملاقاتن ۽ پبلڪ سيشنز ۾ سعودي عرب جا تجربا به شيئر ڪندو. وفد جا ميمبر اهو به ٻڌائيندا ته ڪهڙي طرح سعودي ويزن 2030ع تبديلي آڻيندڙ ترقي لاءِ هڪ ماڊل بڻجي ويو آهي.

مزید خبریں